کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ تيل جي ڳولا لاءِ کوٽائي جي اجازت ڏيڻ خلاف وڪيل ميدان تي اچي ويا

0
192
کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ تيل

ڪوٽڙي (ن پ ا) سنڌ جي سونهن کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ تيل جي ڳولا لاءِ کوٽائي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري مامري تي جهنگلي جيوت بچائڻ لاءِ ڄامشوري جا وڪيل به ميدان تي اچي ويا

ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ڄامشورو پاران کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ کوٽائي واري عمل خلاف قرارداد پاس ڪري کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪمپني کي ڏنل اجازت نامو رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته کيرٿر نيشنل پارڪ کي بچائڻ لاءِ وزيراعلي’ کي بار ايسوسيئيشن پاران باظابطه طور خط پڻ لکيو ويندو

وڪيلن جو چوڻ آهي ته عالمي سطح تي محفوظ قرار ڏنل سائيٽ کيرٿر نيشنل پارڪ  کوٽائي جي اجاٺ غير قانوني آهي، سنڌ وائلڊلائيف پروٽيڪشن ايڪٽ 2020 جي شڪ نمبر 9 تحت جهنگلي جيوتڀواري ڪنهن به محفوظ ڪيل علائقي ۾ ڪابه ڇرپر نٿي ڪري سگهجي

کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ 20 هزاين کان مٿي سنڌ آء بيڪس کان علاوه ڪيترائي ناياب جانور ۽ پکي موجود آهن، 3087 اڪوائر ڪلو ميٽر جي پکيڙ واري کيٿر نيشنل پارڪ جي حدن اندر عالمي توڙي وائلڊلائيف کاتي جي قانون موجب لائوڊ اسپيڪر به نٿو وڄائي سگهجي

ھي به پڙھندا

سنڌ حڪومت کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا لاءِ کوٽائي جي اجازت ڏئي ڇڏي