ڳڙهي حسن (ن پ ا) ڳڙھي حسن ۾ ڳوٺ احمد آباد کوسو جي برسات متاثر ڳوٺاڻن عمران کوسو جي اڳواڻي ۾ محمد بخش ٽانوري، نبي بخش کوسو ۽ ٻين ٺل ڳڙھي حسن روڊ تي ڌرڻو ھنيو.مظاھرين دانهيو ته برسات سبب گھر ڊھي پيا، ساريالو فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويو، مال به مري ويو، ڪنهن به واهر ناهي ڪئي. خميا ۽ راشن به ناهي مليو، ٻارڙا گيسٽرو، مليريا ۽ ڊائريا سميت مختلف بيمارين جي ورچڙھي ويا آھن.