مصيبت جو مقدار ۽ ڪاٿو لڳائڻ!

0
196
ڌيان هٽائڻ جي ڪرمنل مائنڊ گيم..!!

 ايندڙ مصيبت يا گذري ويل مصيبت، ٻنهي صورتن ۾ ڪاٿو لڳائڻ ته ان کي ڪيئن منهن ڏجي، ان مان ڪيئن نڪرجي، جهڙوڪ هاڻي سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جي صورتحال آهي، اها صورتحال آخر گذري به ويندي پر ان مان اسان کي غلطين ۽ ڪوتاهين جو ڪاٿو لڳائي، آئنده اهڙي نقصانن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ احتياطي اپاءَ وٺڻ گهرجن! ته جيئن ٻيهر اهڙي نقصان کان بچي سگهجي. پراڻن زمانن ۾ تارن جي علم ۽ هوائن جي رخ مان موسمن جو اندازو لڳائي قدم کنيا ويندا هئا ۽ اپاءَ ورتا ويندا هيا، جنهن مان انسان ڪافي فائدو به ورتو. پر هاڻي ته جديد ٽيڪنالاجي اڃا ڪم سئولو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن مون سون جي برساتن جي اڳواٽ اطلاع باوجود به اسان قدم نٿا کڻي سگهون ته اها اسان جي انتظامي نااهلي آهي، جنهن تي ڳالهائڻ سان ممڻ مچي وڃن ٿا! تازو ئي مثال اهو آهي ته انتظامي نااهلي کي لڪائڻ لاءِ مختلف هنڌن تي واهن، شاخن، ڍنڍن، بندن کي ڪٽ ڏئي اهي شهر ٻوڙيا ويا، جن جي ٻڏڻ جو ڪو امڪان ئي نه هو!

                 مقصد فقط سڄي سنڌ جي انتظامي نااهلي تان ڌيان هٽائي هٿ سان ٻوڙايل شهرن ڏانهن ڪرڻ هو! جنهن کي پوءِ قدرتي آفت جو نالو ڏئي، پنهنجي ذميداريءَ کان پاڻ کي آجو قرار ڏنو ويو، هاڻي نالي ماتر امداد جو ڪجهه ڏينهن فوٽو سيشن هلندو، پوءِ سڄا جو سڄا شهر جن کي هٿ سان ٻوڙايو ويو آهي، اهي موهن جو دڙو لڳندا!

Adversity Quotient (مصيبت جو مقدار) تڏهن ئي خبر پوندي، جڏهن ان جو باقاعده جائزو ورتو وڃي، ان جي انگن اکرن جو ڪاٿو لڳايو وڃي، ان جي باقاعده جاچ پڙتال ڪئي وڃي! پوءِ اهي سمورا انگ اکر ٻيهر اهڙي مصيبت کان بچڻ لاءِ اپاءَ وٺي ڪم آندا وڃن ۽ موجوده انگن اکرن جي بحاليءَ لاءِ وس آهر ڪم ڪجي. في الحال ته ويجهي مستقبل ۾ اهو ٿيندي نظر نٿو اچي. ڇو ته جتي عوام ووٽ ڏئي پنهنجو حق وساري ويهي، جتان جا چونڊيل نمائندا پاڻ کي عوام جو نوڪر سمجهڻ بدران عوام جو مالڪ سمجهن. جتي ڪنهن به ڪم جو ڪو چيڪ ايند بئلنس نه هجي. اتي اهڙي قسم جون تباهيون ٿيڻ ڪو انوکو عمل ڪونهي. جيڪڏهن ان سموري معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان قدم کنيا وڃن ته ڪو به سبب ناهي جو اهڙي قسم جا حادثا ۽ سانحا ٿين. پر ڳالهه فقط ذميداري کڻڻ جي آهي، اسان جي ملڪ ۾ عهدا ۽ ذميداريون ته سڀني وٽ آهن، پر انهن کي ايمانداريءَ سان نڀائڻ جو جذبو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.

جيڪڏهن هر چونڊيل نمائندو فقط پنهنجي پنهنجي تڪ لاءِ پاڻ پتوڙي ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪري ته هوند سڄي سنڌ ڇا سڄو ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي وڃي پر مسئلو هي آهي ته اسان وٽ اجتماعي مفادن ۽ اجتماعي سوچ جو فقدان هميشه کان رهيو آهي. اسان وٽ فقط اها ئي سوچ ڪم ڪري ٿي ته جنهن کي جيترو موقعو ملي ٿو اهو انفرادي مفاد ماڻي ملڪ توڙي جنم ڀوميءَ کي نقصان رسائي وڃي ٿو. ڪنهن به ملڪ جو انتظامي ۽ سياسي ڍانچو درست ڪرڻ ۾ ڪو خاص وقت گهربل ناهي هوندو، فقط هڪ ئي جمهوري مدو ڪافي هجي ٿو، ڪنهن به ملڪ کي سنئين پير آڻڻ ۾، پر افسوس اهڙي قسم جي قيادت اسان جي ملڪ کي نصيب ئي ناهي ٿي.

جيستائين عوامي نمائندا پارلياماني نظام ۾ شامل نه ٿيندا، جيستائين سماجي ڀلائي جي سوچ رکندڙ ماڻهو سياسي ڌارا ۾ شامل نه ٿيندا، تيستائين اسان هن خانداني سياست جي نتيجن کي ڀوڳيندا رهنداسين ۽ تيستائين ڀوتارڪو ۽ وڏيرڪو ڌپارو نظام اسان کي پاڙئون ڪمزور ڪندو رهندو. پنهنجي غلطين ۽ پنهنجي ڪيل فيصلن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن اسان پنهنجي ڌرتي، ڌرتي واسين ۽ ملڪ جو ڀلو چاهيون ٿا ته اسان کي پارلياماني سياست ۾ شامل ٿي ڪري سياسي جدوجهد ڪرڻي پوندي. سماجي تنظيمون جوڙي عام ووٽر کي ووٽ جو حق درست طريقي استعمال ڪرڻ بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻي پوندي، ان سان گڏوگڏ چونڊون ٿيڻ وقت ڌانڌلي کي روڪڻ لاءِ پاڻ کي قدم کڻڻا پوندا، جيستائين ايئن نه ڪنداسين تيستائين اسان جي حالت سڌرڻ جو ڪو به امڪان نظر نٿو اچي.

افلاطون چواڻي “سياست کان ڪناره ڪشي جو نتيجو اهو نڪرندو، جو اوهان جي مٿان جاهل حڪمراني ڪندا”. ان ڳالهه سان اوهان ڪيترا متفق آهيو، اهو اوهان تي ئي ڇڏيون ٿا پر في الحال اچون ٿا پنهنجي عنوان تي ته ڪنهن به “مصيبت جو مقدار” معلوم ڪرڻ ۽ ان کان بچاءَ لاءِ حفاظتي ۽ احتياطي اپاءَ وٺڻ اسان جي پنهنجي هٿ ۾ به آهي، صرف حڪومتي ذميداريءَ تي ڀاڙي اسان پنهنجا اجها نٿا وڃائي سگهون. ان لاءِ اسان کي گهرجي ته ڳوٺ سڌار ڪميٽيون ۽ سنگت جوڙي ڳوٺن جي ڀلائي ۽ حفاظت لاءِ اپاءَ وٺون! ڇاڪاڻ ته برساتن ۽ دريائي ٻوڏن جو سلسلو صرف اڄ جو ناهي ۽ نه ئي اهو ڪو ختم ٿيڻ وارو سلسلو آهي. هاڻي ته انگريزن جي دور جو ڏنل بئراج سسٽم به پنهنجي ايڪسپائري تاريخ تائين پهچي چڪو آهي ۽ نٿو لڳي ته پاڻ وارا حڪمران ان سسٽم کي بچائڻ ۾ ڪو سوڀارا ٿي سگهندا. تنهن ڪري اسان کي پاڻ کي احتياطي قدم کڻڻا پوندا، بچاءَ بندن، شاخن، نالن، واهن بندن جي مضبوطي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پوءِ ڀل ان ۾ حڪومتي سهڪار به حاصل ڪجي پر فوري طور تي جيڪڏهن اپاءَ نه ورتا ويا ته وري ڪم اتي جو اتي رهجي ويندو ۽ وري ايندڙ سال يا ان کان اڳئين سال اهڙي ئي قسم جي موسمي تبديلي سان چوماسي جي برساتن ۾ ساڳئي قسم جي تباهي کي منهن ڏيڻو پوندو.

اميد ٿي ڪجي ته حڪومت به ڪنهن حد تائين ته پنهنجي ڪوتاهين تي نظرثاني ڪئي هوندي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا منصوبابندي ڪئي هوندي. ان لاءِ اسان سڌ سماءَ واري کاتي کي اپيل ٿا ڪريون ته پنهنجي منصوبن کان عوام کي به آگاهي ڏني وڃي ۽ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته عوام کي به اهڙن منصوبن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن افرادي قوت ۾ اضافو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته رضاڪاراڻي مدد طور سڄي سنڌ اهڙن ڪمن ۾ شامل ٿي سگهي ٿي..

سنڌ سلامت، ساٿ سلامت…