استادن جي عظمت ئي اسانجي قسمت !!

0
366
رشتن-جو-احساس-۽-صحتمند-سماج

  ھتي ذڪر انھن استادن جو ڪريان ٿي جيڪي شاگردن کي اولاد سمجھي پڙھائين ٿا اھي استاد جيڪي پنھنجي ڊيوٽي ايمانداري سان نڀائين ٿا، مڪمل سچا  ھجن ٿا منھنجي خيال ۾ ته استاد ئي ھن معاشري جو اول ذميوار فرد ھجي ٿو استاد جيڪو بھتر سماج کي اڏيندڙ ھن سماج جو اھو ٿَنب ھجي ٿو جيڪو علمي دنيا ۾ ھو سموري سماج جو سمورو بار پنھنجن ڪلھن تي پاڻ کڻي ٿو! چيو ويندو آھي ته دنيا جا اھڙا ڪيترائي ملڪ آھن جن  ملڪن ۾ جڏھن ڪنھن استاد کي عدالت سڳوري ۾ پيش ڪيو ويندو آھي، تڏھن سندس پيشي جي معلوم ٿيڻ سان ادب احترام سان جَجز پاران به اٿي بيھي سلام پيش ڪيو ويندو آھي ڇو جو انھن جو منزل تي رَسڻ به استاد جو ئي ڪردار ھجي ٿو. تن استادن جي ڪري ئي ته منزلن طرف رخ ڪيو آھي”علي سائين“ جو قول مبارڪ آھي ته جنھن مونکي ھڪ لفظ سيکاريو ساري حَياتي لاءِ منھنجو استاد بڻجي ويو.

\                ھاڻي سوچجي ته جيڪو استاد سالن جا سال اسانکي پڙھائي ٿو ان جو مان ۽ مرتبو ڇا ھوندو! بيشڪ، استاد سڀ استاد ئي ھجن ٿا پر ھتي جيڪا ڳالھھ ڪجي ٿي جنھن ۾ ھاءِ اسڪول،ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي استادن کان وڌيڪ پرائمري استاد جو مان  ھجي ٿو. يقينن ھر ماڻھو ايئن سوچيندو ته اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟ پر ايتري پَڪ اٿم ته منھنجي ھن مضون ۾ وضاحت پڙھڻ کانپوءِ ڪنھن حد تائين ڪيترائي پڙھندڙ ھن ڳالھھ سان متفق ھوندا ته واقعي ئي پرائمري جي استاد جو مان اڃا ڪجھھ مَٿي ھجي ٿو! اھو ڪيئن جيڪو ھيٺ ذڪر ڪجي ٿو. ڏٺو وڃي ته، جڏھن ٻار ڇھين کان اَٺين يا ڏھين دَرجي تائين پھچي ٿو تڏھن شاگردن ۾ ٻاراڙيون خَصلتون ضرور ھجن ٿيون پر انھي عمر تائين يعني 11 يا 12 سالن جي عمر ۾ شاگردن کي سٺي خراب جي چَڱي طرح خبر پئجي ويندي آھي، ھو پنھنجو پاڻ کي سَنڀالڻ ۽ سَنوارڻ جھڙو ٿي ٿو وڃي. مطلب ته ھاءِ اسڪول جي استادن پاران انھن کي تاڪيد ڪرڻ جھڙوڪ صاف ڪَپڙا پائڻ، پاڻ ۾ روزاني ڏندڻ جي عادت وجھڻ،محنت ۽ توجھھ سان پڙھڻ،استادن سميت وڏن جو احترام ڪرڻ ننڍن سان بھتر سلوڪ سان پيش اچڻ جھڙين شين ڏانھن شاگردن کي عمل ڪرائڻ خاطر انھن استادن کي تمام گھٽ تاڪيد ڪرڻي پوندي آھي، اھو ئي سبب آھي جو ڇَھين ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ تائين تقريبن شاگردن جي رھنمائي ۽ سٺي تربيت والدين سان گڏ پرائمري استادن پاران ئي ٿيل ھوندي آھي جنھن کانپوءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي پھچڻ تائين ته ھو مڪمل طور نه صرف علمي دنيا بلڪھ سياسي،سماجي اَدبي دنيا کان به واقف ٿي وڃن ٿا جنھن کانپوءِ ھو ذاتي پاڻ سميت سموري سماج جي معاشي حالتن کي  مضبوط بنائڻ خاطر اھي شاگرد سياسي سماجي سرگرميون به شروع ڪري ڇڏيندا آھن. منھنجو مقصد صرف پرائمري استاد ئي احترام لائق ھجن ٿا ايئن بلڪل به ناھي! اھي سمورا استاد جن کان اسان ڪاليجن ۽ يونيورسٽيز مان سِکي آيا آھيون سي  ھَڙئي استاد اسانجي لاءِ قابل احترام ھجن ٿا جن کي به اسان پنھنجا استاد تسليم ڪندي اھو چئون ٿا ته اسين سندن شاگرد ئي آھيون پر، ھتي جيڪا ڳالھھ پرائمري استاد جي ٿئي پئي

ان جو مک ڪارڻ اھو ئي آھي ته جڏھن ٻار پنجن سالن جو ٿئي ٿو تڏھن مائٽ ٻارڙن کي استادن جي حَوالي ڪري ڇڏين ٿا! جيڪا عمر سندن سمجھھ لاءِ به مڪمل ٻاراڻي ھوندي آھي،

پنجن سالن تائين انھن ٻارن جا سموري ڏينھن جا سڀ آرا ۽ اَنگل مائٽ کڻن ٿا جنھن کان پوءِ اھي ٻار پرائمري ۾ داخل ٿين ٿا تڏھن وري سندن آرَن ۽ اَنگلن جو اڌ ڏينھن جو بار پنھنجي والدين تان به لَھي پوي ٿو! جڏھن ته پرائمري ۾ پڙھندڙ ٻارڙا جن ۾ ڪيترائي ٻار ريجالا ۽ ويڙھاڪ ھئڻ ڪري اھو ماٺيڻن ٻارن کي به مثال: ڪنھن کي چَڪ پائڻ،ڪنھن کي مڪ ۽ چَنبو ھڻڻ جھڙي سموري آزار کي برداشت ڪندي پرائمري استادن کي وري به ماٺيڻن سميت ريجالن ٻارن کي به وري علم ڏانھن مائل ڪرڻ کين آمده ڪرڻ ۽ پڙھڻ جو شوق جاڳائڻ خاطر ھو طَرحين طَرحين جا حيلا ھلائين ٿا مثال: ڦلاڻو ٻار ڪيئن پڙھي سگھي ٿو سندس اخلاقي تربيت کي ڪيئن بھتر بڻائجي جھڙين گھرجن کي اھي استاد ويچارا ھر ممڪن ڪوشش ڪري به اھي عمل اَپنائين ٿا! مطلب ته گھر کانپوءِ ۽ ھاءِ اسڪول کان اڳ پرائمري ۾ ٻار اخلاقي،ذھني ۽ علم طرف پھريون وکون وڌائي ٿو جنھن ڪري ٻاراڻي عمر ۾ به ڪي اھڙا ٻارڙا ھوندا آھن جن کي استادن پاران صاف ڪپڙا پھرائڻ چپل پائڻ جو عمل ڪرائڻ خاطر مھينن جا مھينا مٿو ھَڻڻو ئي پوندو آھي، جنھن کانپوءِ وري مادري زبان جي الفابيٽ سميت نصاب کان متعارف ڪرائڻ لاءِ پرائمري استاد ڪيتري نٿو محنت ڪري، يقينن ھر پڙھيو لکيو ماڻھو چڱي ريت واقف آھي! پرائمري ۾ ته اھڙا به ٻار ھوندا آھن جيڪي پيشاب ڪن ته کين سَلوار به استاد پارائيندو ھجي! منھنجي خيال ۾ انھي کان وڌ ٻي ڳالھھ ئي  ٿي نٿي سگھي،پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسين جڏھن وڏا ٿي وڏن عھدن تي پھچندا آھيون تڏھن انھن پرائمري جي استادن لاءِ ڇا ڪري سگھندا آھيون۔؟ جن ماضي ۾ پورا پَنج سال مائٽن سميت انھن استادن به اسانجا سمورا اَنگلَ کنيا ھئا؟ ۽ بدقسمتي سان ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي سٺن عھدن تي ويٺل سڀني استادن جو قدر ته ڪندا آھيون کين ياد ڪندي سندن عزت به ڪندا آھيون ڇاڪاڻ ته تڏھن اسان ۾ مڪمل سمجھھ شعور اچي ويندو آھي پر،جن استادن وٽ اسان بنيادي تعليم سِکي وڏن اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين پھتاسين ۽ تڏھن ڪو شاگرد پنھنجي جواني وڏي عمر ۾ تنھن پرائمري استاد لاءِ ڇا ڪري سگھيو؟ سندس ڪھڙي خدمت ڪري سگھيو؟ جيڪو جواب ضرور گھربل رھجي وڃي ٿو تنھن ڪري اچو ته سڀني استادن سميت خاص طور تي ڊيوٽي سان پابند رھندڙ پيغمبري پيشي سان سَلھاڙيل پرائمري جي انھن استادن جي سار لھون جن اسانجي ٻاراڻي عمر جي ڪري کين اسان پاران پيش ايندڙ سمورين غلطين ۽ رڪاوٽن کي ٽوڙي اسانکي انھن پڙھائي وڌيڪ تعليم لاءِ ھاءِ اسڪول تائين موڪليو. پنھنجي وس آھر تن سڀني استادن جو پنھنجي شاگردن تي پورو پورو حق به ٿئي ٿو پوءِ اھو استاد ڀلي رٽائرڊ ڇو نه ٿي ويو ھجي مطلب سندن واھر ڪرڻ يا پيري جي عمر ۾ سندن خدمت ڪرڻ ھر شاگرد تي فرض بڻجي ٿو ته استادن جي احترام سان گڏ  مائٽن وانگر سندن خيال رکڻ سان ئي اسان وڌيڪ منزلون طَئي ڪري سگھون ٿا.