ٺٽو ( رپورٽر )  مڪلي جي ناريجا ڳوٺ واسي معذور پيرسن مبارڪ جاکرو مڪلي تي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي ته تازو پيل برساتن سبب سندس گھر ڊھي پٽ پئجي ويو آھي، ھن وقت هو ٻچن سان گڏ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھي جڏهن ته کيس معذوري ڪوٽا تحت نه نوڪري ملي سگھي آھي ۽ نه ئي ڪو معذوري فنڊ ٿو ملي، ھن چيو ته معذوري ڪوٽا تحت نوڪري ڏيارڻ لاءِ 2012ع ۾ ويل چيئر تي ٺٽي کان لاڙڪاڻي جو 28 ڏينھن جو سفر ڪيو پر کيس نوڪري ملي ناھي سگھي، هن چيو ته ھو پنڻ کي عيب سمجھي ٿو، سندس ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ ڪري ھو سخت پريشان آھي، ھن چيو ته سندس گھر واري کي بينظير انڪم سپورٽ تحت وظيفو ملندو ھو جيڪو پڻ بند ٿي ويو آھي، هن چيو ته هو معذوري سبب ھڪ ٽنگ تي گھوڙي جي سھاري هلي ٿو سندس ڪير به مدد ڪرڻ وارو ناھي، ھن وزير اعليٰ سنڌ سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڊھي ويل گھر ٻيھر جوڙائي سندس مالي مدد ڪري غربت مان نجات ڏياري وڃي