ماتلي (ن پ ا)   ماتلي شھر جي ڪشميري محلي ۾ جوابدار آفتاب ٽالپر گھر ۾ گھڙي ڪھاڙين جا وار ڪري پنهنجي اڳوڻي زال مسمات رڪيه ميمڻ کي مرڻينگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پاڙي وارن کيس سوگھو ڪري پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو . زخمي عورت جي مڙس ماستر عبدالعزيز ميمڻ جو چوڻ آھي ته سندس غير موجودگي ۾ جوابدار آفتاب ٽالپر سندس گھر ۾ داخل ٿي زال ٻن ٻارن جي ماءُ رڪيه کي ڪھاڙيـن جا وار ڪري سخت زخمي ڪري وڌو آهي. جوابدار آفتاب ٽالپر جو چوڻ آھي ته رڪيه  جو ھو اڳوڻو مڙس آھي جنهن ڪافي وقت اڳ کيس طلاق ڏئي ڇڏي ھئي جنهن بعد رڪيه ٻي شادي ڪئي ھئي ۽ آفتاب اڄ سندس اڳوڻي گھر واري جي گھر سندس ٻارڙن کي ڏسڻ لاءِ ويو ھو ۽ رڪيه ٻارڙن سان ملڻ کان روڪيو جنھن ڪري مٿس تشدد ڪيو. آخري اطلاعن تائين ماتلي ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي. زخمي عورت کي تعلقي اسپتال ماتلي آندو ويو، جتي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس حيدر آباد ريفر ڪيو ويو.