گھوڙاٻاري (ن پ ا) گهوڙا ٻاري ۾ مرحوم اعجاز شاھ شيرازي جي ياد ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ سپر لاڙڪاڻو ۽ جھولي لعل ٽيمن وچ ۾ پھريون رائونڊ کيڏيو ويو. لاڙڪاڻي جي ڪپتان ابراھيم قمبراڻي ٽاس کٽي پهريان کيڏندي 10اوورن ۾ 127 رنز ٺاهيون. جواب ۾ جھولي لعل 107 رنز تي ڍير ٿي وئي. سپر لاڙڪاڻي طرفان ابراھيم قمبراڻي ۽ سليم خاصخيلي 2-2 وڪيٽون ورتيون. ٻئي رائونڊ ۾ حيدرآباد ھيروز جي 10اوورن ۾ 129 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو، سلمان پنھور 61 رنز جي اننگز کيڏينمايان رھيو. جواب ۾ جھولي لعل ٽيم 100 رنز ٺاهي سگهي، سلمان پنھور کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.