گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي پوليس مٿان نائين ڪلاس جي شاگرد کي مبينا طور کنڀي گم ڪرڻ جو الزام، وارثن جو احتجاج. ان سلسلي ۾ ڳوٺ راضي لاکو جي رهواسي اختيار احمد لاکي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ايس ايچ او اي  سيڪشن عباس سندراڻي گذريل ڏينهن منهنجي پٽ نائين ڪلاس جي شاگردن ذيشان احمد لاکو کي وڏيرن جي ونگار وهندي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن کان ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر پوليس نينگر کي آزاد نٿي ڪري. هن ڊي آءِ جي سکر ۽ سيشن جج گهوٽڪيءَ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس هٿان کنڀيل نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته شاگرد ذيشان احمد لاکو کي گرفتار نه ڪيو آهي، الزام بي بنياد آهن.