ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور پوليس گنگا ماتا رائيس مل مان چوري ٿيل ٽريڪٽر  ٽرالي ۽ ڀاڻ جون 187 ٻوريون هٿ ڪري ورتيون. ايس ايس پي ڪشمور ھندو پنچائت وٽ پهچي ڀاڻ جي رقم جا 21 لک روڪ رقم ۽ ٽريڪٽر ٽرالي رائيس مل مالڪ حوالي ڪئي.ان موقعي تي ايس ايس پي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ونود ڪمار جي رائيس مل مان ٽريڪٽر ٽرالي ٻيو سامان چوري ٿيو. سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي پتو لڳائي ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن کان ٿيل چوري ريڪور ڪرائي آهي.