گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ريلوي اسٽيشن ڀرسان پلاٽ جي معاملي تان ڀٽي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، لٺيون، ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت 11 ڄڻا زخمي. تفصيل موجب گمبٽ ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ محمد ھاشم ڀٽيءَ ۾ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي معاملي تان اربع ۽ خميس جي وچ واري رات دير سان جھيڙو ٿي پيو، جنھن دوران لٺيون، ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ھڪ ڌر جا شفيع محمد، سندس زال مسمات رضيه، پٽ عابد علي، ڀائٽيو نويد علي، ڀاڻيجو عطا حسين، راحيل احمد، مسمات عابده، ٻِي ڌر جو پيرسن علي گوھر، سندس پٽ وقار علي، احسن علي، ڀاءُ حسين بخش زخمي ٿي پيا. زخمين کي گمبٽ ٿاڻي تان پوليس ليٽر وٺي علاج لاءِ گمس سٽي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويوآهي. ڇڪتاڻ باوجود اسپتال عملي جهيڙيندڙ ڌرين جي زخمين کي ھڪ ئي وارڊ ۾ داخل ڪيو. ڊاڪٽرن ٻڌايو ته زخمين جو علاج شروع ڪيو ويو آهي. اسپتال ۾ موجود شفيع محمد ڌر جي وارثن ۽ زخمين ٻڌايو ته 10 ويسا پلاٽ جي معاملي تان مخالفن لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪيو آهي. ھوڏانھن زخمي علي گوھر واري ڌر جي وارثن ۽ زخمين جو چوڻ آهي ته لوڙھي جي مسئلي تان جھيڙو ٿيو، جنھن دوران مخالفن لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن گمبٽ پوليس جو چوڻ آهي ته پلاٽ جي معاملي تان ڀٽي برادريءَ جي ٻن ڌرين۾ جھيڙو ٿيو آهي. زخمين کي علاج لاءِ ميڊيڪل ليٽر ڏنو آهي، ڌريون ڪيس داخل ڪرائيندا ته وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.