دادو (رپورٽر ) اربيلي راڳي منظور سخيراڻي جو ڀاءُ اڳوڻو اي سي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي اربيلي راڳي منظور سخيراڻي جي وڏو ڀاءُ ميونسپل دادو جي اڳوڻي آفيسر، رٽائرڊ اسٽنٽ ڪمشنر شمس الدين سخيراڻي ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي ، سندس مڙھ دادو پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ، فوتي شمس الدين جي تدفين دادو جي ڇاڻو شاھ آباد ۾ محسن شاھ قبرستان ۾ ڪئي سندس آخري رسمن ۾ دادو جي سياسي ، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن ، اديبن ، شاعرن ۽ صحافين شرڪت ڪئي