دوڙ (ن پ ا) دوڙ شهر جي روڊن رستن سميت مختلف ڪالونين ۾ ڪيترن ئي مهينن کان صفائي نه ٿيڻ ڪري گٽرن جو بيٺل گندو پاڻي تلائن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، هر طرف گندگي سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ شهرين ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي، آصف مغل، نويد حسن ۽ ٻين چيو ته دوڙ ٽائون ڪاميٽي جي انتظاميا جي نااهلي سبب سڄو شهر مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، هنن چيو ته هر طرف گندگي جو آزار آهي، انتظاميا صفائي ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته عثمان ڪالوني، غريب آباد ڪالوني، مورو روڊ، نظير ڪالوني، رضا آباد، علي آباد ۽ سوسائٽي سميت مختلف وارڊن ۾ صفائي جو نظام بهتر نه هئڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي بيٺل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.