گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ شاگرد اساما کهڙو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي شهر ۾ جزوي هڙتال ڪئي وئي، ڀٽائي چوڪ، اسٽيشن روڊ، شيخ محلا، اڳڙا مارڪيٽ شاهي بازار ،غريب آباد سميت ٻين هنڌن تي مڪمل ڪاروبار ٺپ رهيو. نويد احمد کهڙو، استاد علي گل کهڙو، جسقم وائيس چيئرمين امجد مهيسر، اعجاز ڦلپوٽو، سڪندر چانڊيو، محڪم الدين کهڙو، عامر کهڙو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو،اڳواڻن جو چوڻ هو ته شاگرد اساما کهڙو کي گوليون هڻي بي دردي سان قتل ڪيو ويو، 6 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگھيو. جوابدار گمبٽ ۽ کهڙا ۾ موٽرسائيڪلن تي سري عام گھمي رهيا آهن،جوابدار گرفتار نه ٿيا ته سومرو ڏينهن قومي شاهراهه بند ڪيو ويندو. ڊي ايس پي گمبٽ ۽ ايس ايڇ او گمبٽ ڌرڻي واري هنڌ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ پوليس ٻن ڏينهن جي مهلت وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي يقين ڌهاني تي ڌرڻو ختم ڪرايو ويو. هوڏانهن گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گمبٽ جي غريب آباد پاڙي ۾ چڙهائي ڪري هڪ شڪي ماڻهو گرفتار ڪيو آهي. جنهن وٽان جاچ هلندڙ آهي جلد ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.