حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي سحرش نگر واري علائقي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ قتل ٿي ويل 5 ٻارن جي ماءُ جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتولا شازيه بليدي جي والد عاشق بليدي ۽ ٻين چيو ته ڏيڊ مهينو اڳ سندس ڌيءُ کي مڙس فضل جمالي ۽ ڏير ايوب جمالي بنا جواز فائرنگ ڪري قتل ڪيو جن خلاف نسيم نگر ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن چيو ته جوابدار آزاد هئڻ سبب ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ انهن سندس پٽ نصير ۽ مزمل تي مبينا طور حملو به ڪرايو آهي. هنن چيو ته جوابدارن کي بااثر ماڻهن جو آشيرواڌ آهي جنهن ڪري پوليس کين گرفتار نٿي ڪري. آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن سندن نياڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار ڪيفر ڪردار تائين پهچي سگهن.