کپرو(ن پ ا) کپرو لڳ مامي ڀاڻيجي سان 8 جوابدارن پاران بدفعلي واري مامرو ۾ 5 جوابدارن جي عبوري ضمانت منظور. ان سلسلي ۾ کپرو لڳ ڳوٺ ٿڌو مشين ۾ سولنگي برادريءَ جي بن نوجوانن سان 8 جوابدارن پاران بدفعلي ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن رحيم، دينو، يوسف، جان محمد ۽ دريا خان راڄڙ وڪيل معرفت ايڊيشن سيشن جج جي عدالت مان عبوري ضمانت ڪرائي ورتي. هوڏانهن عبدالڪريم راڄڙ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پوليس مهمان ٿي آيل منهنجي ڌيءُ مسمات لالي ۽ سندس مڙس صابو راڄڙ کي گرفتار ڪري وئي آهي، جيڪي پوليس حراست هيٺ آهن جيڪي رحيم يار خان کان آيل هئا.