گمبٽ (ن پ ا) زندگي صحافتي دنيا کي ارپيندڙ نديم اڄڻ ايڇ آءِ وي، دماغي ٽي بي ۽ شگر سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي گمس اسپتال ۾ پيل آهي. وارثن ڀاءُ محمد حاجن اڄڻ ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ ايچ آءِ وي جو علاج هلندڙ آهي، ڀاءُ کي دماغ جي ٽي بي به ٿي وئي آهي ۽ شگر جو مسئلو آهي. دماغ جي ٽي بي سبب ڀاءُ هڪ مهيني کان بيهوشي واري حالت ۾ آهي. لاڙڪاڻي مان واپس ٿي هن وقت گمس اسپتال جي ريپڊ ريسپانس سينٽر ۾ داخل ڪرايو آهي. جتي دماغ جي ٽي بي جو علاج هلندڙ آهي پر بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري طبيعت ۾ بهتري ناهي ٿي سگھي. صحافي نديم اڄڻ جي ڀاءُ سنڌ جي وڏي وزير، ڪمشنر شکر ۽ صحافي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته خدا راه اسان جي ڀاءُ جو بهتر نموني علاج ڪرائي زندگي بچائي وڃي.