قمبر (رپورٽر) قمبر ويجهو ڳوٺ فتح محمد سپرو جو رهواسي 12 سالن جو علي عباس سپرو هڪ هفتي کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، نينگر جي پيءُ محمد علي سپرو ٻڌايو ته سندس پٽ ڳوٺ ۾ ويلڊنگ جي دڪان تي ڪم ڪندو هو، جيڪو هفتو اڳ دڪان تي وڃڻ جو چئي گهران نڪتو ته واپس ناهي آيو، هن پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.