ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ۾ 4 معصوم ٻارڙن جو پيءُ پورھيت پيرسن علي اڪبر بڙدي بيماري سبب گھر ۾ بستري تي پيل آھي، سندن گھر ڀاتي بک بدحالي سبب علاج ڪرائڻ نه ڪرائي سگهيا آهن، ان حوالي سان بيمار پورهيت علي اڪبر بڙدي ٻڌايو ته روڊ حادثي ۾ ڄنگهه زخمي ٿي، وس آهر علاج ڪرايو پر هاڻ ڦٽ ناسور بڻجي ويو آھي، غربت سبب وڌيڪ علاج ڪرائڻ کان لاچار آهيان، هن وس وارن کان اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي علاج ڪرائي مالي مدد ڪئي وڃي.