ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪي 4 منصوبي جي ٻڌڻي دوران واپڊا چيئرمين پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته ڪي 4 جو موجودہ منصوبو عمل جوڳو ناھي، انهي ۾ ڪيتريون فني خرابيون آھن، موجوده ڊزائين سان 40 سيڪڙو پاڻي پڻ چوري ٿيندو، موجوده ڊزائين صدي پراڻي آھي. واپڊا چيئرمين عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪينجھر ڍنڍ کان ڪراچي تائين پائيپ لائين وڇائي ويندي، جنھن سان پاڻي چوري نه ٿيندو، انهي منصوبي لاءِ 30 کان 40 ميگاواٽ بجلي جي ضرورت پوندي، اسان ڪي 4 منصوبي ۾ بجلي جي فراھمي کي به شامل ڪيو آھي، واپڊا چيئرمين عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته آڪٽوبر 2021ع تائين سموريون اسٽيڊيز مڪمل ڪري وٺنداسين، فيبروري 2022ع کان ڪي 4 منصوبي تي ڪم شروع ٿيندو. ان لاءِ 50 سيڪڙو وفاق ۽ باقي 50 سيڪڙو رقم سنڌ حڪومت فراھم ڪندا، هن وقت تائين رٿا تي15 ارب خرچ ٿي چڪا آهن، وفاقي سرڪار تازو اها رٿا پاڻ مڪمل ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو هو .