ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جيڪب آباد ۾ سرڪاري ايراضي تي قبضن خلاف درخواست تي لاڙڪاڻي جي ڪمشنر، جيڪب آباد جي ڊي سي ۽ ايس پي کي سرڪاري زمين تي اڏيل هوٽل، جانورن جي اسپتال تي تعمير ڪيل پرائيويٽ اسڪول ۽ بنگلو ٺاهڻ وارن دستاويزن جو جائزو وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت وڌيڪ حڪم ڏيندي چيو ته جيڪب آباد ۾ گرلز اسڪول سميت سمورن سرڪاري اسڪولن توڙي سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضا ختم ڪرايا وڃن. ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي ڀيڻ مليحه ملڪ پاران جيڪب آباد ۾ سرڪاري ايراضي تي قبضن خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي، ايم پي ايم ممتاز جکراڻي، ايم پي اي اسلم ابڙو، لاڙڪاڻي جو ڪمشنر ۽ ڊي سي جيڪب آباد پيش ٿيا، جڏهن ته ايس پي جيڪب آباد جي غير حاضر هئڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايس پي بدران ڊي ايس پي جيڪب آباد عدالت ۾ موجود آهي، جنهن تي چيف جسٽس ڊي ايس پي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي ڪنهن گهرايو آهي؟ هتان ٻاهر هليا وڃو. عدالت ايس پي پاران پيش نه ٿيڻ تي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ممتاز جکراڻي سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا جيڪب آباد جي زمين اوهان جي جاگير آهي؟ جنهن تي ممتاز جکراڻي چيو ته مون زمين خريد ڪئي آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته زمين خالي ڪرڻي پوندي، جنهن کان خريد ڪئي اٿئو، ان کان وڃي پئسا وٺو، توهان جا ڪاغذ ڪوڙا آهن. عدالت سيشن ڪورٽ روڊ تي اڏيل حرمين هوٽل به ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت گرلز اسڪول سميت تمام سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي عدالت پڇيو ته عبدالباقي ابڙو ڪير آهي ؟ ان ڇا ٺاهيو آهي؟ ان موقعي تي درخواستگذار مليحه ملڪ عدالت کي ٻڌايو ته گهوڙا اسپتال تي ممتاز جکراڻي قبضو ڪري اها نجي اسڪول کي ڏني آهي. ان موقعي تي ايم پي اي اسلم ابڙو عدالت کي استدعا ڪئي ته مون کي به ٻڌو وڃي، اها منهنجي ذاتي زمين آهي جنهن تي عدالت چيو ته ڪمشنر پاڻ دستاويزن جو جائزو وٺي فيصلو ڪندو، عدالت گهوڙا اسپتال کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.