ڪراچي: سپريم ڪورٽ گجر نالي تي حددخلين خلاف جاري آپريشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سان مشاورت ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل کي حددخلين خلاف ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪالهه ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي استدعا ڪئي ته آپريشن هڪ هفتو روڪيو وڃي، 40 هزار ماڻهو متاثر ٿيندا، انهي سان انساني الميو جنم وٺندو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان ان حوالي سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. تنهن ڪري عدالت کي استدعا آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين آپريشن روڪيو وڃي. ان موقعي تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پهريان ماڻهو چيڪ وٺڻ ايندا هئا، اسٽي آرڊر کانپوءِ اهي اچڻ رڪجي ويا آهن جنهن تي چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان گهر ڊاهڻ وارو ڪم روڪي رهيا آهيو ؟ اوهان پنهنجو ڪم جاري رکو. ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر لائق احمد عدالت کي ٻڌايو ته گجر نالي تي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي فنڊز جو ڪجهه مسئلو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته گٽر نالن تي ليزون ڏيندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين، اهو پهريون قدم هوندو. ايڊمنسٽريٽر چيو ته گهر ڊاهڻ تي تي تمام گهڻو خرچ ايندو، چيف جسٽس چيو ته اوهان جي مشنري سڙي رهي آهي. اوهان جون ٽرڪون بيٺل آهن، ملازمن انهن جا پرزا ڪڍي وڪڻي ڇڏيا آهن. عدالت ايڊمنسٽريٽر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان ڪي ايم سي کي کوکلو ڪيو آهي، ڪي ايم جي 80 سيڪڙو عملي کي فارغ ڪريو، عملو ڪو ڪم ڪرڻ بجاءِ سڄو ڏينهن آفيسن ۾ ويٺل هوند آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ جڏهن آفت ايندي آهي ته ڪير به نظر ناهي ايندو .