ڪينجهر ۽ ڪوهستان جي زمينن تي قبضا

0
67
ڪينجهر ۽ ڪوهستان جي زمينن تي قبضا

 ٺٽو اهو ضلعو آهي، جيڪو جاگرافيائي لحاظ کان اهڙي جاءِ تي بيٺل آهي، جنهن کي هڪ پاسي سمنڊ، ٻئي پاسي درياءُ، ٻيلا ۽ خوشگوار موسم ۽ زرخيز زمينون آهن، جنهنڪري هزارين سال اڳ ۾ به غاصبن جي نشاني تي هو ۽ اڄ به هن جديد دور ۾ ٺٽو ٻاهرين يلغار جي زد ۾ آهي. ان جو مثال تازو نوري ڄام تماچي جي رومانوي عشقيه داستان سان منسوب ڪينجهر ڍنڍ جي اردگرد جي زمين تي ڪوڙن ڪاغذن تحت قبضو ڪرڻ مان وٺي سگھجي ٿو. جتي ٺٽو ماضي ۾ سنڌ جو 4 سئو سال گادي جو هنڌ رهيو آهي، اتي ٺٽي تي ڌارين حملي آورن جون ڪاهون به ٿينديون رهيون آهن. انهن ڌارين ٺٽي کي لٽيو ڦريو به آهي ته وري ٺٽي کي باهيون ڏئي ساڙيو به آهي. ماضيءَ ۾ انهن حملي آورن جي ڪاهن ۽ ٺٽي کي لٽڻ ڦرڻ جو اهو ضرور سبب ڄاڻائي سگھجي ٿو ته ٺٽو شاهوڪار ترين شهر رهيو آهي، جنهنڪري ڌارين به ٺٽي کي لٽڻ ڦرڻ ۽ وري باهيون ڏئي ساڙڻ ۾ وسان ناهي گھٽايو پر انهن جي باهين، ڦرين ۽ ٺٽي کي نيست و نابود ڪرڻ وارين سٽيل سازشن جي باوجود ٺٽو ماضي ۾ سنڌ جي 4 سئو سالا گادي جي هنڌ رهڻ واري اعزاز سان گڏ عدل ۽ انصاف پسند بادشاهن ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو ۽ ڌرتي جي حفاظت ڪندڙ شهيد دولھ درياءَ خان جي ڌرتي جي نالي سان منسوب اڄ به نه رڳو پنهنجي ڌار سڃاڻپ رکڻ سان گڏ ملڪ ۽ دنيا جي گولي تي به پنهنجي شاندار ماضيءَ واري تاريخ ۽ شاهوڪاري جي حوالي سان هن وقت به قائم ۽ دائم آهي ۽ ائين به ناهي ڪو ٺٽي خلاف سازشن جو ڪو سلسلو اڄ به بند ٿيو آهي. ماضيءَ ۾ اهو چئي سگھجي ٿو ته ڌارين حملي آورن ٺٽي سان جٺيون ڪيون هيون پر هاڻ جڏهن ملڪ جي ٺهڻ جي ڪجھ سالن کانپوءِ ڪراچي ضلعي کان ٺٽو پنهنجي ڌار ضلعي واري حيثيت ۾ جڏهن بحال ٿيو آهي ته اهو سال يا اهو مهينو ناهي جو ٺٽي تي پنهنجي ئي سرڪار توڙي پنهنجن جي ان جي زمين جي تين وال ڪرڻ جي حوالي سان ڪا نه ڪا سازش ٿيندي هجي، ڇاڪاڻ جو ٺٽو اهو ضلعو آهي، جنهن کي هڪ ئي وقت وسيع سامونڊي پٽي ته وري وسيع ڪوهستاني پٽي آهي ۽ سنڌوءَ جو ڇوڙ به ٺٽي ۾ ٿئي ته ان جي حيثيت وڌيڪ اهميت جوڳي آهي. 10 هزار هم چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي تي پکڙيل ٺٽي ۾ وسيع سامونڊي پٽي جي انڊس ڊيلٽا جيڪا قدرتي ذخيرن سان مالا مال هجڻ سان گڏ دنيا جي آبي ذخيرن ۾ رامسر سائيٽ ته وري ڪوهستاني پٽي ۾ 103 هم چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي تي پکڙيل ايشياءَ کنڊ جي اونهي ۾ اونهي مٺِي پاڻي واري خوبصورت ڍنڍ ڪينجهر جيڪا پڻ دنيا جي آبي ذخيرن ۾ رامسر سائيٽ هجڻ ڪري جدا حيثيت رکندڙ آهي ۽ وري ان سان گڏ ٺٽي جي ڪوهستاني (جابلو پٽي) جيڪا پڻ معدني ذخيرن سان مالا مال آهي ته پوءِ يقينن ان ڪري هن تاريخي اهميت جي حامل ٺٽي ضلعي جي زمينن جي به وڏي اهميت آهي. ان ڪري ماضي کان وٺي هن مهل تائين ٺٽي جي زمينن تي ڪنهن نه حوالي سان نه رڳو جعلسازي ڪري زمينون وڪرو ٿينديون رهيون آهن ۽ زمينن جي وڪري وارو اهو سلسلو وفاقي حڪومت هجي يا سنڌ حڪومت هجي، بيهي نه سگهيو آهي.

آئي ڏينهن اخبارن ۾ ٺٽي جي زمينن توڙي ڪينجھر ڍنڍ جي ارد گرد زمينن تي قبضن توڙي ڪوڙن ڪاغذن تي وڪرو ڪرڻ جون خبرون اينديون رهنديون آهن ۽ وري ڪجھ ڏينهن بعد ماٺار ٿي ويندي آهي. وري خبر اها ئي پوندي آهي ته ٺٽي جي روينيو کاتي اها زمين ڀڳڙن مٺ عيوض ڪنهن سرمائيدار کي وڪرو ڪري ڏئي ڇڏي آهي. هاڻ ته حالت اها آهي جو ٺٽي جي وسيع ڪوهستاني پٽي ڄڻ هن وقت سوني جھرڪي بڻيل آهي، جو آئي ڏينهن ان جي زمين جي تين وال جو سلسلو ڪنهن به ريت بند نه پيو ٿئي. ايستائين جو ٺٽي جي ڪوهستان جي 54 هزار 17 ايڪڙ زمين ٺٽي جي ڪوهستاني ۽ سامونڊي پٽي ۾ قائم ڪيل ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪمپنين ۾ شامل 800 ميگا واٽ بجلي جي پئداواري سگھ رکندڙ متبادل بجلي جي توانائي واري وفاقي کاتي (اي اِي ڊي بي) پاڪستان کي 33 هزار، 976 ايڪڙ زمين حوالي ڪئي وئي آهي ته وري 50 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ ايران پاڪ ونڊ پاور پرائيويٽ لميٽيڊ کي 1259 ايڪڙ زمين، 50 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ ٽرانس الٽرنيٽڪ انرجي کي 1000 ايڪڙ زمين، 50 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ ديوان انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 1250 ايڪڙ زمين، 50 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي سگھ رکندڙ ٽريڪان بوسٽن ڪنسٽينگ ڪارپوريشن پرائيويٽ لميٽيڊ کي 1284 ايڪڙ زمين، 50 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ هارٽ فوڊ الٽرنيٽو انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 320 ايڪڙ زمين، 2.4 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ چائنا سيونڪ انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 18.33 ايڪڙ زمين، 30 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ ٽپال ونڊ انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 200.39 ايڪڙ زمين، 10 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ ٽيٽان انرجي پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ کي 68.02 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ هوا انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 1200 ايڪڙ زمين، 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي سگھ رکندڙ يو اِي پي ونڊ پاور پرائيويٽ لميٽيڊ کي 24 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ جي سگھ رکندڙ نور سولر انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 330 ايڪڙ زمين، 50 ميگا واٽ جي پئداواري سگھ رکندڙ زليخان انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 322 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ اين اي ايس ڊي اي (ناسڊا) گرين انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 360 ايڪڙ زمين، 50 ميگا واٽ بجلي جي سگھ رکندڙ يوني انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 390 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ جھمپير پاور پرائيويٽ لميٽيڊ کي 431 ايڪڙ زمين، 60 ميگاواٽ بجلي جي پيداواري سگھ رکندڙ ميٽرو ونڊ پاور پروجيڪٽ کي 410 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ اي سي ٽي 2 ونڊ پرائيويٽ لميٽيڊ کي 320 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ دن انرجي لميٽيڊ کي 325 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ ليڪ سائيڊ انرجي پرائيويٽ لميٽيد کي 345 ايڪڙ زمين، 50 ميگا واٽ بجلي جي سگھ رکندڙ انڊس ونڊ انرجي پرائيويٽ لميٽڊ کي 428 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ گل احمد انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 370 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ آرٽسٽڪ ونڊ پاور پرائيويٽ لميٽيڊ کي 462 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ ٽريڪام ونڊ انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 347 ايڪڙ زمين، 100 ميگاواٽ بجلي پيداواري سگھ رکندڙ يورينڪو انٽرنيشنل ٺٽه پاور پرائيويٽ لميٽيڊ کي 2500 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ گل احمد انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ سولر پروجيڪٽ کي 250 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ ميٽرو سولر پاور لميٽيد کي 250 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ هوا انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 351 ايڪڙ زمين، 50 ايڪڙ بجلي جي سگھ رکندڙ فنرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 424 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ يونس ونڊ پاور پروجيڪٽ کي 432 ايڪڙ زمين، 50 ميگاواٽ بجلي جي سگھ رکندڙ ويسٽرن انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 428 ايڪڙ زمين، 50 ميگاوٽ بجلي جي سگھ رکندڙ لڪي ونڊ پاورو سميت 34 سولر ۽ ونڊ پاور حوالي ڪئي وئي آهي ته وري ٺٽي جي ڪوهستان جي هزارين ايڪڙ زمين خليجي ملڪن جي عربن کي به ڏني وئي آهي، جيڪي شڪار وارن ڏينهن ۾ اچي انهن زمينن تي قائم محلن ۾ رهائش اختيار ڪري واپس هليا ويندا آهن.

ڏسجي ته ايڏن وڏن بجلي جي پيداوار ڪندڙ منصوبن سولر ۽ ونڊ پاورن مان ٺٽي کي ڪهڙو فائدو رسيو آهي؟ اهو چئي سگھجي ٿو ته هن مهل تائين انهن منصوبن جي ڪمائي مان ٺٽي کي سي ايس آر جي مد ۾ رپيو به نٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي انهي فنڊ مان هتان جي علائقن يا قديمي ڳوٺن کي پيئڻ جي پاڻي سهولت، روڊن رستن جي سهولتن سميت زندگي جي بنيادي سهولت مهيا ڪري ڏني وڃي ٿي. مطلب سي ايس آر فنڊ مان فلاحي ڪمن تي خرچ ٻڙي آهي ۽ وري اهڙي   صورتحال جي باوجود ٺٽي جي چونڊيل نمائندن پاران پڻ هن مهل تائين ڪو موثر آواز ناهي اٿاريو ويو جو هتان جي علائقن سميت ضلعي کي ڪوئي فائدو رسيو هجي ۽ وري ٺٽي سان اهو به هڪ وڏو ظلم آهي جو ٺٽي جي 103 هم چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل ايڏي وڏي ڍنڍ ڪينجهر، جنهن مان روزانو ڪراچي جي 3 ڪروڙ کان مٿي انساني آبادي کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪري ڏنو وڃي ٿو، ان جي باوجود ايڏي وڏي پاڻي جي ذخيري رکندڙ ڍنڍ جي رائلٽي ٺٽي کي  نٿي ڏني وڃي. جيتوڻيڪ انهيءَ ڪينجھر واري پاڻي مان نه رڳو ڪراچي جي انساني آبادي جي اڃ لهي ٿي پر اهو پاڻي پڻ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ صنعتي ادارن توڙي وڏين هوٽلن کي وڪرو ڪري ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيو آهي.

اهڙو ئي ٻيو مثال اهو آهي جو ٺٽي جي وسيع ڪوهستاني پٽيءَ جو آهي، جيڪا معدني ذخيرن سان مالا مال هوندي به گذريل 30 سالن کان معدنيات کاتي پاران معدني ذخيرن جي ليزن جي جاري ڪرڻ سبب نڪرندڙ قيمتي پٿر جنهن ۾ گولڊن ماربل ۽ ڊولو مائيٽ چرولي، چُن جو پٿر، ڪارو پٿر، ريتي، بجري، سميت ٻي قدرتي معدنيات جي نيلامي باوجود ملندڙ رقم مان ٺٽي کي رائلٽي جي ادائيگي به ضلعي ڪائونسل ٺٽي کي نٿي ڏني وڃي. ٻئي پاسي هتان جو روينيو کاتو جيڪو ڪوهستان ۽ ڪينجهر جي جي سالن کان قديمي ڳوٺن کي ڳوٺ آباد اسڪيمن تحت نه پڪو ڪري ٿو، نه وري روينيو ۽ ان جا عملدار ٺٽي جي زمينن کي ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪرڻ واري ڪڌي ڪم باز اچن ٿا. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ٺٽي جي تاريخي ماڳن ڪينجھر، هاليجي، هڏيرو ۽ ٻين ڪوهستاني ماڳن تي قبضا جاري آهن .