انٽرميڊيئيٽ اِن ڪمپيوٽر سائنس

0
31
انٽرميڊيئيٽ اِن ڪمپيوٽر سائنس

  ٻار جڏھن پنھنجن ميٽرڪ جي ڪلاسن مان پار پوندا آھن ته ھنن کي پنھنجي اڳين منزل يعني پنھنجي ڪيريئر جي پريشاني لاحق ٿي ويندي آھي. ڪيريئر معنا پنھنجي زندگيءَ جي اھم مقصد يعني ھڪ اھڙي شعبي/کيتر (فيلڊ) جي چونڊ ڪرڻ، جيڪو نه صرف ھنن جي ذھني تسڪين جو سبب بڻجي پر ھنن جي سماجي مانَ ۽ مرتبي کي مٿانھون ڪرڻ ۾ به مددگار بڻجي. ڪيريئر جي چونڊ ڪرڻ ڪنھن به ٻار جي لاءِ توڙي جو ان جو ذاتي فيصلو ھئڻ گھرجي پر پاڻ وٽ ائين نٿو ٿئي يا وري جيڪڏھن ٿئي به ٿو ته اھو به ھڪ محدود پيماني تي. ڪيريئر جي چونڊ ڪرڻ جتي سڌريل ۽ اسريل ملڪن ۾ گھڻي سولي سرگرمي هوندي آهي، اھا ايتري اسان وٽ مشڪل ۽ ڪيئي ڏچا کڻي ايندڙ فيصلو بڻجي به وڃي ٿي. ڪيريئر جي چونڊ ڪرڻ اسريل ملڪن ۾ انھيءَ ڪري به سولي آھي، جو اتي ٻارن جي مرضين ۽ خواھشن کي ئي احترام جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. ابتدائي تعليم کان وٺي يونيورسٽيءَ جي تعليم تائين جيڪو ڪجھ پڙھايو ۽ سمجھايو وڃي ٿو، ان جو تعلق عملي زندگيءَ سان ھوندو آھي. يا وري ھڪ اھڙي خيالي دنيا سان ھوندو آھي، جيڪا ٻار کي ڪجھ ڪرڻ ۽ پنھنجي صلاحيتن کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ھمٿائيندي رھندي آھي. جيئن چنڊ ڏانھن سفر ڪرڻ جي لاءِ اتساهڻ. ٻار جي لاڙي کي شروع کان ئي سمجھڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون آھن. ان حساب سان ئي ٻارن جي تربيت ڪئي ويندي آھي، ۽ ھنن جي خواھشن ۽ ضرورتن کي سامھون رکي کين تعليم ڏني ۽ ڏياري ويندي آھي. “زندگي ڪيئن گذارجي؟” (لائيف اسڪلز) جي تعليم ڏني ويندي آھي. انھيءَ ڪري ٻار پنھنجي سوچ ۽ سمجھ جي آھر پنھنجن رجحانن کي پرکي اڳتي وڌندا ويندا آھن. اھوئي مکيه سبب آھي ته اتي ٻار جيڪو ٿيڻ چاھيندو آھي، والدين کان وٺي ادارن تائين ان جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي آھي. جيڪو ڪجھ بڻجڻ چاھيندو آھي، ان جي لاءِ گھربل شيون فراھم ڪيون وينديون آھن. اسان وٽ عين ان جي ابتڙ ٿئي ٿو. ڪڏھن به ٻار جي سوچن، سمجھن، لاڙن ۽ رجحانن کي نظر ۾ ناھي رکيو ويندو. جيڪي درسي ڪتاب ٻارن کي پڙھايا وڃن ٿا، اھي سڀ جا سڀ نصيحتن، ثنا خوانين ۽ ھٿرادو ھيرن جي ڪھاڻين سان ڀريل آھن. حقيقت ھي آھي ته اسان وٽ “زندگي ڪيئن گذارجي؟” جي تعليم ڏني ئي ناھي ويندي. صدين کان اسان وٽ درسي ڪتابن ۽ تعليمي ادارن پاران طوطا ۽ تعبيدار ئي تيار ڪيا ويا آھن. اسان وٽ سن ستيتاليھن کان اڄ ڏينھن تائين جيڪي به تعليمي پاليسيون آيون آھن، اھي تعليمي پاليسيون گھٽ پر طوطا ۽ تعبيدار تيار ڪرڻ جا پروجيڪٽ وڌيڪ لڳن ٿيون. اڄ به، ھن ايڪھين صديءَ جي دور ۾ به، سنڌ ۾، جنھن قسم جي تعليم ڏني وڃي پئي، ان جو معيار اڄ کان چاليھ پنجاھ سال اڳ واري تعليم جي معيار جھڙو به ناھي. توڙي جو تن ڏينھن ۾ تعليمي حاصلات جي لاءِ ان قسم جو ساز و سامان دستياب ڪونه ھوندو ھو، جيڪو اڄڪلھ جي ٻارن کي دستياب آھي؛ جيئن موبائل فونز، ۽ سوشل ميڊيا جي سھولت. پر ان سڀ جي باوجود ٻارن جي ڪارڪردگي ۽ ڪيريئر جي چونڊ ڪرڻ ھڪ مشڪل صورتحال جو شڪار رھندي آئي آھي. اھا مشڪل صورتحال ھي آھي ته ٻار ٿا چون ته سائين اسان زندگيءَ کان بيزار آھيون ڪا راھ ڏسيو. ٿورو تفصيل ۾ وڃي ھنن کان جڏھن حال ۽ احوال ٿا وٺون ته معلوم ٿو ٿئي ته اھي والدين ئي آھن، جيڪي ٻارن جي ڪيريئر جي چونڊ ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آھن.

آرٽيفيشل انٽيليجنس (ھٿرادو ذھانت) جي ھن دور ۾ به عام طور تي والدين پنھنجي ٻارن کي يا ته ڊاڪٽر ٿا ڏسڻ چاھين يا وري انجنيئر بڻجڻ جي لاءِ دٻاءُ وجھن ٿا. خاص طور تي جيڪي والدين ڪامورڪي ڪرت سان ڳنڍيل آھن، اھي چاھين ٿا ته ھنن جا ٻار به چٽا ڀيٽيءَ جا امتحان پاس ڪري ڪامورا ئي ٿين ۽ جيڪي خاندان سياست سان سلھاڙيل آھن، اھي چاھين ٿا ته ھنن جي اولاد جي لاءِ سياست ڪرڻ ئي ھڪ بھترين ڪيريئر آھي. جڏھن ته ٻار ٻين شعبن جھڙوڪ ٽيڪنيڪل (يا ڪاروباري، يا فنون لطيفه) شعبن ڏانھن وڃڻ چاھيندا آھن. ھڪ اھڙو ئي ٽيڪنيڪل شعبو اسان وٽ ڪمپيوٽر جي تعليم به آھي، جيڪا ٻن قسمن جي ذمرن ۾ ورھايل آھي: ھڪ “سافٽ  ويئر” ۽ ٻي “ھارڊ ويئر”. ٻنھي قسمن جي تعليم جو اسڪوپ (دائرهء ڪار) تمام گھڻو وسيع آھي ۽ روزگار جا موقعا به جام آھن. پاڪستان يا ڏکڻ ايشيا ۾ ته سافٽ ويئر جو وڏو اسڪوپ آھي. ٻار جنھن شعبي کي پنھنجي زندگيءَ جو اھم مقصد سمجھندا آھن، والدين ان مقصد ۾ رنجينده رھندا آھن ۽ وري والدين جيڪو چاھيندا آھن، ٻار ان کان فرار جو راھون پيا تلاش ڪندا آھن. اندازو لڳايو ته ڪيريئر جي چونڊ، جيڪو ھڪ ٻار جو ذاتي فيصلو ھجڻ گھرجي، ان ٻار ۾ فيصلي ڪرڻ جي قوت/صلاحيت انھيءَ ڪري به پروان ناھي چڙھندي، ڇاڪاڻ جو ٻار جي ذھن ۾ ھن قسم جي جملن کي ويھاريو ويندو آھي ته، “توھان اڃان ٻار آھيو”، “توھان اڃان دنيا ناھي ڏٺي”، “جيسيتائين وڏا موجود آھن، توھان ڪير ٿيندا آھيو فيصلا ڪرڻ وارا؟” وغيره. ميٽرڪ بعد ٻار پنھنجي پنھنجي ڪيريئر جي پھرئين ڏاڪي، جيڪو ٻن سالن جي مدت وارو ھوندو آھي، ان کي پار ڪرڻ جي لاءِ ڪاليجن ۾ داخلا وٺندا آھن. ڪاليج اعلى تعليم ڏانھن سفر ڪرڻ جي لاءِ ھڪ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ تعليمي ادارا آھن. اسان وٽ سنڌ ۾ ھن وقت ھر تعلقي يا ھڪ وڏي آبادي رکندڙ يونين ڪائونسل ۾ به ڪاليج موجود آھن. ڪاليجن جي بلڊنگس جو ڇا حال آھي؟ ٻارن جي حاضري ڪيتري آھي؟ اتي موجود تدريسي عملو پڙھائي به ٿو يا نه، انھن  سڀني ڳالھين کي ھڪ پاسي رکي اسان صرف ھتي اها ڳالھ ڪريون ٿا ته سڀ جا سڀ ڪاليج صرف ٻن شعبن؛ يعني پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي تعليم ڏيڻ جي لاءِ مخصوص ڪيا ويا آھن يا تيار ڪيا ويا آھن. جيڪي ٻار انجنيئر بڻجڻ چاھيندا آھن ته انھن کي پري انجنيئرنگ واري گروپ ۾ داخلا وٺڻي پوندي آھي ۽ جيڪي ڊاڪٽر ٿيڻ چاھيندا آھن ته انھن کي پري ميڊيڪل واري گروپ ۾ داخلا وٺڻي پوندي آھي. پر ڪي اھڙا ٻار به آھن، جيڪي اڳتي ھلي ايم بي اَي، ماس ڪميونيڪيشن/جرنل ازم يا ڪنھن ٻئي شعبي ۾ صرف انھيءَ ڪري داخلا جا خواھشمند بڻجي پوندا آھن، ڇاڪاڻ جو اھي ويچارا يا ته ڊاڪٽر ٿيڻ کان رھجي ويا ھوندا آھن يا وري انجنيئر بڻجڻ واري خواھش دل ۾ رھجي وئي ھوندي اٿن.

پنجاب ۾ سروس ڪرڻ دوران مون ڏٺو ته اتي پري ميڊيڪل ۽ پري  انجنيئرنگ جي تعليم ڏيڻ سان گڏ ڪجھ ٻيا شعبا به آھن، جن جي تعليم به ڪاليجن ۾ ڏني پئي وئي. جھڙوڪ ڪمپيوٽر جي تعليم. پنجاب ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم ڏيڻ جو بنياد ميٽرڪ کان ئي رکيو ويو آھي. بلڪل ائين، جيئن اسان وٽ اڳ ۾ ٻار جڏھن نائين ۽ ڏهين ڪلاس ۾ داخل ٿيندو ھو ته ان کي آرٽس ۽ سائنس مان ڪنھن به ھڪ پاسي جي چونڊ ڪرڻي پوندي ھئي. ٻار، جن پنھنجي ميٽرڪ ڪلاسن ۾ ڪمپيوٽر مضمون پڙھيو ھوندو آھي، انھن جي لاءِ ڪاليجن ۾ ھڪ الڳ فيلڊ “انٽرميڊييئٽ اِن ڪمپيوٽر سائنس” (آءِ سي ايس) رکيل ھوندي آھي. آءِ سي ايس ڇا آھي؟ پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي تعليم وانگي آءِ سي ايس به ھڪ ڪيريئر ٺاھڻ وارو تعليمي پروگرام آھي، جيڪو ڪاليج سطح تي ھڪ جامع تعليمي پروگرام جي شڪل ۾ آڇيو ويندو آھي. جيڪو ميٽرڪ پاس ھڪ ٻار جي لاءِ اڳتي ھلي ڪمپيوٽر سائنس ۽ ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ڊولپمنٽ سان گڏ ٻين ڪيترن ئي پروگرامن جي لاءِ راھون ھموار ڪري ٿو. ٻار ميٽرڪ بعد جھڙي طرح سان پري انجنيئرنگ ۽ پري ميڊيڪل ۾ داخلا وٺندا آھن، ساڳي طرح سان جن ٻارن ميٽرڪ ڪلاسن ۾ ڪمپيوٽر سبجيڪٽ کنيو ھوندو آھي، انھن جي لاءِ آءِ سي ايس پروگرام موجود ھوندو آھي. ڪمپيوٽر جتي ھڪ ٽيڪنالاجي آھي، اتي ھي ھڪ جديد قسم جو علم به آھي. پاڪستان ۾ توڙي جو ھن کي آئي چاليھن سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آھي پر ان جي اھميت ۽ افاديت اڄ به برقرار آھي، خاص طور تي سوفٽ ويئر ڊولپنگ جي حوالي سان. اسان سڀ ھن ڳالھ کي ڀلي ڀت ڄاڻون ٿا ته ڪمپيوٽر جي شعبي (تعليم) اسان جي روزمرھ جي ڪار وھنوار کي ئي بدلائي ڇڏيو آھي. آءِ سي ايس پروگرام ڪمپيوٽر ۽ سائنس جي گڏيل مطالعي جو نالو به آھي، جيئن ٻار اڳتي ھلي انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي ميدان ۾، يا وري سافٽ ويئر ڊولپمنٽ جي دنيا ۾ پنھنجي لاءِ ڪا جڳھ ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن. ڪمپيوٽر اسان جي زندگين ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آھي. ڪمپيوٽر اڄڪلھ نه صرف اسان جي تعليمي ادارن جو ھڪ اھم حصو بڻجي ويا آھن پر اھي اسان جي روزمرھ جي زندگي ۾ ڪيترائي ڪم به سرانجام ڏئي رھيا آھن. اسان جي سادگي جو مثال ھن کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو ته ھڪ ڏينھن سنڌ جي ھڪ تعليمي بورڊ جي سيڪريٽري کان جڏھن مون ھي پڇا ڪئي ته توھان جو بورڊ آءِ سي ايس ڪرائي ٿو؟ ته ششدر ٿي مونکان پڇيائين ته پھرين ته ھي ٻڌايو ته آءِ سي ايس آھي ڇا؟ مون آءِ سي ايس جي باري ۾ ھن کي بريف ڪيو ۽ چيو ته سنڌ ۾ اسان جا تعليمي بورڊ آءِ سي ايس ڇونه ٿا ڪرائين؟ ته جواب آيو ته ھي اسان جو مينڊيٽ ئي ناھي.

اسان ھن آرٽيڪل ذريعي سنڌ حڪومت کي گذارش ٿا ڪريون ته سنڌ جي سمورن ڪاليجن ۾ آءِ سي ايس پروگرام جي شروعات ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ جو ھي پروگرام ڪو معمولي پروگرام ناھي. ٻارن کي آءِ ٽي جي دنيا ۾ کڻي وڃڻ جي لاءِ ھي پروگرام تمام گھڻو مددگار رھي ٿو. پنجاب پنھنجي ڪاليجن ۾ گذريل 25 سالن کان آءِ سي ايس پروگرام ھلائي رھيو آھي ۽ ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھ آھي ته اسان کي اڄ به خبر ناھي ته آءِ سي ايس ڪھڙي بلا جو نالو آھي! پاڪستان جي تعليمي نظام جي باري ۾ گڏيل قومن جي ھڪ تازي رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته: “پاڪستان جو تعليمي نظام جديد گهرجن کان سٺ سيڪڙو پٺتي بيٺل آھي.” ساڳي حوالي سان سنڌ ڪٿي بيٺل آھي؟ سوچيو!