شاهه جو پارکو- ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

0
23
شاهه جو پارکو- ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

 غلام نبي ولد محمد بخش سڌايو جو جنم ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. لطيفي تحقيق ۾ سندن نالو اهم آهي. هن ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا، سندن لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ “سنڌي ڪهاڻيون”، “ٿا چنگ چرن چاهت جا”، “چونڊ سنڌي افسانن جو جائزو”، “سفرِ زندگي”، ”شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري” شامل آهن. ”شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري” پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ لاءِ لکيل مقالو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي رهبريءَ ۾ مڪمل ٿيو. آگسٽ 1992ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي ڪراچيءَ طرفان هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڇپيو. جيئن ته اصل ٿيسز ضخيم هئڻ ڪري حميد آخوند ڪتاب جي شروع ۾ ڄاڻايو آهي ته، “سڌايي صاحب جو مقالو تمام وڏو آهي. تحقيق کي ڇيهي رسائڻ کان سواءِ هن کي ڪجهه قدر مختصر شايع ڪري رهيا آهيون“.

علامت نگاريءَ جي اهميت ۽ مقصديت کي ڊاڪٽر سڌايو هن ريت ٿو بيان ڪري: “لطيف سائين جي علامتي شاعريءَ جو اڀياس ڪيترن ئي گم ٿيل مقصدن تائين رسائيءَ جو سبب بڻجي سگهيو آهي. انهيءَ مان ڪجهه اهم مقصد هيءُ آهن؛ 1. سنڌي ادب ۾ علامت نگاريءَ جي موضوع تي نيون راهون ڏسجن، فني ۽ تاريخي اهميت تي ويچار ڪجي. 2. اهو ڏسجي ته لطيف جي دور ۾ سنڌي سماج، سماجي، سياسي، اقتصادي، مذهبي ۽ تعليمي لحاظ کان ڪهڙيءَ سطح تي هو؟ 3. اهو ڏسجي ته سنڌي سماج ۽ ڪائناتي مسئلن کي لطيف ڪهڙي بنياد تي پرکيو آهي؟ 4. سماجياتي لسانيات جي لحاظ کان علامت نگاري جي درجه بنديءَ جي اڀياس سان ڪهڙا نتيجا ظاهر ٿين ٿا؟

412 صفحن جي هن تحقيق جا ڪل ٽي ڀاڱا آهن ۽ هر ڀاڱو بابن ۾ ورهايل آهي. پهرين ڀاڱي ۾، ٽن بابن تي مشتمل ۾ علامت نگاريءَ جي فن ۽ ان سان واسطو رکندڙ ٻين صنفن جي اپٽار، علامت نگاريءَ جي تاريخ ۽ ان جا قسم ٻڌايا ويا آهن، جيئن؛ انساني شعور جي اوسر، علامت نگاريءَ جي تعريف ۽ علامت نگاريءَ جا قسم ۽ وسعت. ٻيو ڀاڱو، 11 بابن جو آهي، جنهن ۾ لطيف سائينءَ جي حياتيءَ جا اهم پهلو جيئن؛ 1. ڄم، 2. ڄمڻ جو هنڌ، 3. ٻاروتڻ، 4. شادي، 5. جواني ۽ سير، 6. شاهه عنايت سان ملاقات، 7. مخدوم محمد معين سان ملاقات، 8. خواجه محمد زمان سان ملاقات، 9. شاهه عنايت الله صوفي شهيد جي سماجي تحريڪ، 10. سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالت، 11. ڪربلا ۽ لطيف جي وفات شامل آهن.

سوانح جي ڀاڱي ۾ اهم پهلوئن تي بحث ڪيل آهي، جيئن مثال طور شاهه جي پڙهيل يا اڻ پڙهيل هئڻ تي ڊاڪٽر غلام نبي  سندن formal رواجي تعليم ۽ Informal غير رواجي تعليم جي ڇنڊڇاڻ ڪندي لفظ امي ۽ تارڪ تي بحث ڪيو آهي، جنهن ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي تحفة الڪرام ۽ ٻين ڪتابن جي حوالي کان پوءِ هيٺيون نظريو پيش ڪندي لکيو اٿس؛

”آخر ۾ مٿئين بحث مان جيڪي ثابتيون دستياب ٿيون تن جي روشنيءَ ۾ وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته لطيف سائين پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو عالم ۽ ڏاهو شخص هو. هن کي مروجه ديني توڙي دنياوي تعليم تي عبور حاصل هو“ (ص -36)

ٽيون ڀاڱو، شاهه جي ڪلام جي علامتي اڀياس تي مشتمل آهي. شاهه لطيف ۽ صوفي شاعر، لطيف ۽ ڪائنات ۽ وحدت جي وائيءَ جي اپٽار سان گڏ سندن ڪلام مان ٽيهن سُرن کي الڳ الڳ علامتي اڀياس تحت پرکيو ويو آهي، جن جي ترتيب غلام محمد شاهواڻيءَ صاحب جي رسالي مطابق آهي. ڪجهه بيت ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي مان پڻ ڏنل آهن. سُرن جي علامتي اڀياس ۾ جيڪي لفظ علامت طور ڪتب آيل آهن، انهن جون سمجهاڻيون مختلف شارحن ۽ محققن جي راين سان بيان ڪندي آخر ۾ ڊاڪٽر سڌايي پنهنجو مؤقف بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ڪتاب مان هن موضوع جي وصاحت لاءِ گهڻي مدد ورتل آهي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر تنوير جو ڪتاب “شاهه لطيف جي شاعري” لطيفيات جي ڏس ۾ هڪ اهم ريفرنس ڪتاب شمار ٿئي ٿو.

هن مقالي لاءِ ڊاڪٽر  سڌايي، سنڌي، اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسيءَ جي ڪتابن مان استفادو حاصل ڪيو. هيٺ ڪجهه حوالا پيش ڪجن ٿا؛

”علامتون ٻوليءَ جي ايڪائي يا پيداواري صورت آهن. ان ڪري علامتن کي سمجهڻ لاءِ ٻولي جو اڀياس تمام ضروري آهي”. “ٻولي اسان جو انتهائي ضروري ۽ قابلِ اعتماد ذريعو آهي. جنهن جي مدد سان تجربات، خيالات ۽ دنيا ۾ ظاهر ٿيندڙ واقعات ۽ وقت جي وهڪري سان واسطو رکندڙ شيون اسان جي قابو ۾ اچي سگهن ٿيون.” “ٻولي هڪ بااختيار اهڃاڻن (علامتن) جو سرشتو آهي، لفظ علامتن جي بنيادي ۽ پهرين منزل آهي.” (ص، 4-33-39)

لفظن جي علامتي معنيٰ هن ريت ڏنل آهي؛ “جيئن مثال طور “سُر ڪلياڻ” ۾ حبيب، طبيب، درد، دوا، مرض ۽ شفا وسيع علامتي معنيٰ ڏين ٿا. هڪ همه گير مقصد ڏانهن اشارو آهي. “يمن ڪلياڻ” ۾ ڌوڌا، آڳ، اُلا، عشق، آڳڙيا، موکي، متارا، ميخانو، “سر سريراڳ” ۾ سمنڊ، سڙهه ڪائو ڪچ، موتي ماڻڪ، سپون، ڍينگ ڍيري، ڪُن، صراف، “سامونڊيءَ” ۾ سر نسرڻ، سکائون باسڻ، اکاڏيڻ، علائقائي ۽ روايتي علامتون آهن. اهڙيءَ ريت سڀني سُرن مان آيل علامتن جي تفصيلي جائزي کان پوءِ اهو نقطو پيش ڪيو ويو آهي ته “اهي علامتون آهستي آهستي معاشري جي ٻوليءَ جو حصو ٿي وينديون آهن ۽ علامتي شاعري ۾ آيل ڪيترا لفظ معنائن جي مستقل صورت اختيار ڪري وٺندا آهن”. ڊاڪٽر تنوير جي حوالي سان لکيو اٿن ته، “علامت طور ڪتب آندل لفظ نه صرف هڪ شاعر وٽ وري وري ۽ ساڳئي مفهوم ۾ ملندا آهن، پر ڪنهن خاص دؤر جي شاعرن ۽ ڪن حالتن ۾ ان ٻوليءَ جي سموري شاعريءَ ۾ اهي علامتون پکڙيون پيون هونديون آهن ۽ هر شاعر وٽ انهن جو مفهوم ساڳيو هوندو آهي. مثال طور، ڪرهو، ميو، ڪنواٽ، نانگو، کورو، چانگو، ڪڌاتورو وغيره جي علامتي معنيٰ سنڌ جي سڀني شاعرن وٽ ساڳي آهي.“

”لطيف سائينءَ جي استعمال ڪيل سڀني علامتن جا به تڪيل ۽ توريل ۽ سماج ۾ مستقل صورت اختيار ڪيل تصور استعمال ۾ آهن ۽ انهن تصورن جي قدر کي لطيف سائين کان اڳ ۽ پوءِ وارن شاعرن به استعمال ڪيو آهي.“ ڊاڪٽر عبدالجبار موجب ته، “هن ٿيسز ۾ موضوع سان پورو پورو انصاف ڪيو ويو آهي. علامتون (Symbols) انهيءَ انداز سان بيان ڪيل آهن. جو واضح طور شعر جو اصل مفهوم سمجهه ۾ اچي ٿو. اهو هن ٿيسز جو طاقتور پهلو آهي“.

موضوع جي انفراديت جي حوالي سان هن ڪتاب مان سنڌي ادب ۾ علامت نگاريءَ جي موضوع تي نيون راهون روشن ٿيون آهن. هن کان اڳ پروفيسر اڪرم انصاريءَ جو ڪتاب “The symbolism in Latif’s Poetry”  انگريزيءَ ۾ موجود آهي ازانسواءِ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مضمون ملن ٿا پر باقاعده طور هن ڪتاب ۾ علامت نگاريءَ جي جامع وصف (Definition) ۽ شاهه جي ڪلام ۾ علامت نگاريءَ جو اونهو اڀياس آندو ويو آهي. انهيءِ کانپوءِ ڊاڪٽر سڌايو جو هڪ ٻيو ڪتاب لطيف شناسيءَ تي آهي، جنهن کي تاج محمد شيخ ترتيب ڏنو ۽ روشني پبلڪيشن 2007ع ۾ شايع ڪيو، “شاهه لطيف جو علامتي شعور” عنوان سان هن 224 صفحن جي ڪتاب ۾ ايڪويهه تحقيقي مقالا آهن، جيئن، “علامت نگاري ۽ سر ڪاپائتي”، “کاهوڙي سچ سونهن ۽ پيار جي علامت”، “شاهه سان منسوب ٻه روايتون”، “مارئي سونهن ست ۽ سورهيائيءَ جو اهڃاڻ”، “شاهه جي شاعريءَ ۾ وير رس جو اڀياس”، “ڀٽائيءَ ۽ خواجه محمد زمان جي گفتگو جو علامتي ۽ فڪري جائزو”، “لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ جمالياتي تصور”، “لطيف جي عڪسي شاعري”، “لطيف سائينءَ جا آدرشي انسان” ۽ ٻيا آهن، ڊاڪٽر سڌايو لطيفي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ پيپرز پڙهندڙ رهيو، لطيفيات ۾ سندن خدمتون مڃتا لائق آهن.