ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ويجهو لوٺي اسٽاپ وٽ مھراڻ نيشنل ھاءِ وي تي دوڙ کان ڪوئيٽا ٻڪريون کڻي ويندڙ ڊاٽسن جوٽائر ڦاٽڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ تي ئي ڪلٽي ٿي پئي. ڊاٽسن مٿان ويٺل ڪوئيٽا واسي واپاري نويد جان مري سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي علائقي واسين اسپتال پھچايو، ڊاٽسن ۾ ڀريل 10کان وڌيڪ ٻڪريون ۽ ڦرڙا به زخمي ٿي پيا، ڊاٽسن دوڙ کان ڪوئيٽا وڃي رھي ھئي ته ڪوٽ لالو ويجھو حادثو پيش آيو.