جروار : جروار شھر ۾ ٻه خفتي لياقت لنڊ ۽ عبدالغني چاچڙ پئسن جي ڏيتي ليتيءَ تان ھڪٻئي مٿان لترن،مڪن ۽ چنبن جو وسڪارو لائي ڏنو، شھرين وچ ۾ پئي ٻنھي کي ڇڏائي ورتو، عبدالغني چاچڙ جو چوڻ ھو ته لياقت لنڊ ڏي 2هزار آھن، هن ڪڪڙن جي ميل تي مون سان شرط رکي هئي ۽ شرط هارائي ويو، هاڻي پئسا نه ٿو ڏي پيسا گھرڻ تي ھن مون مٿان تشدد ڪيو آھي، ھوڏانھن جروار پوليس عبدالغني چاچڙ جي فرياد تي لياقت لنڊ مٿان اين سي داخل ڪري ڇڏي.