ڪوٽڙي (ن پ ا) جوهي جو رهائشي مزدور ڪوٽڙي ۾ قتل ٿي ويو، نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ ۾ 22 سالن جو عمران لنڊ مارجي ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان عمران کي ذاتي دشمني تحت قتل ڪيو ويو آهي، مقتول عمران ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو هو، کيس اغوا ڪري قتل ڪيو ويو، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتسل منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي..