سنچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 28 رنسن سان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي.
سنچورين ۾ قومي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 320 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان فخر زمان هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين بيٽنگ ڪندي شاندار سينچري اسڪور ڪئي، هو 3 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 101 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم 94 رنسن جي اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 3 ڇڪا ۽ 7 چوڪا شامل هئا.
ٻين رانديگرن ۾ امام الحق 57، حسن علي 32 ۽ سرفراز احمد 13 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪيشو مهاراج 3، ايڊم مارڪرم 2، جڏهن ته فيلڪوايو ۽ سمٽس هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ميزبان ٽيم 49.3 اوورن ۾ 292 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان جانيمن ملان 70، ڪيل ويرين 62، انڊائل فيلڪوايو 54 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ محمد نواز 3-3، حارث رئوف 2، جڏهن ته حسن علي ۽ عثمان قادر هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.