نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽر مهندر سنگهه ڌوني جي والدين جي ڪورونا وائرس جي تصديق بعد کين اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڌوني جي والدين کي ڀارتي رياست جهارکنڊرانچي جي خانگي اسپتال سپر اسپيشليٽي ۾ داخل ڪيوويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڌوني جي والدين جي آڪسيجن جي سطح مستحڪم آهي.