جهول (ڳالهه ٻولهه: ممتاز شر) سانگهڙ جي ڳوٺ ٻرهون واسي بهترين ڪرڪيٽر وقار احمد سنجراڻي چيو آهي سانگهڙ ۾ پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن جهڙا نوجوان موجود آهن،پر غربت سبب ۽ سفارش نه هجڻ ڪري کين موقعا نه مليا رهيا آهن. پ نهنجي اخبار سان ڳالهائيندي سنڌ فائٽر ڪرڪيٽ ڪلب ٻرهون سان تعلق رکندڙ وقار سنجراڻي چيو ته مون ضلعي ليول تي مختلف گرائونڊن ۾ پرفارمنس پيش ڪئي آهي، جيترو ٻهراڙين ۾ ٽيلنٽ آهي اوترو شهرن ۾ ناهي پر شهرن جي نوجوانن کي گرائونڊن ٽيم جي ڪوچن سميت سڀ سهولتون ميسر هونديون آهن. هن چيو ته ٻهراڙين ۾ گرائونڊ جي سهولت ميسر نه هوندي آهي، سنڌ حڪومت کي ان حوالي سان جوڳا قدم کڻڻ کپن.