ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا وڌيڪ 3 حياتيون کسي ورتيون، 532 نوان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته شرح 2.96 مان  گهٽجي 2.74 ٿي وئي، ڪالهه 179 مريضن کي حالت خراب ٿيڻ سبب آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن  نئين  تحقيق موجب  هائپر  ٽينشن  ڪورونا  جي خدشن کي وڌائي ٿو، آمريڪا ۾ هر ٻيو ماڻهو  هائپر ٽينسن ۾ مبتلا آهي