ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم) سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرمين لاءِ اميدوارن جا انٽرويوز ڪندڙ ڪاميٽي  ڊاڪٽر اسحاق سميجو ۽ ڊاڪٽر عبدالغفور  ميمڻ جا نالا منظوري لاءِ وڏي وزير کي اماڻي ڇڏيا، ان ڏس ۾ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين جي خالي پيل عهدي تي مقرري لاءِ چيف سيڪريٽري پاران ثقافت کاتي جي سيڪريٽري نسيم غني سهتو، نامياري اديب مدد علي سنڌي ۽ سروسز کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ميمونا سيد تي ٻڌل اسڪروٽني ڪاميٽي شارٽ لسٽ ڪيل 7 اميدوارن  ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڊاڪٽر قاسم راڄپر، بشير چانڊيو عرف فياض لطيف، ڊاڪٽر سيد رشدالله شاه عرف مخمور بخاري، رياضت علي ۽ ڊاڪٽر احسان پٺاڻ عرف احسان دانش جا انٽرويوز ڪيا ھئا، ڪاميٽي ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اسحاق سميجو جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ٻنھي مان ڪنهن به ھڪ کي چيئرمين مقرر ڪرڻ لاء سفارشون چيف سيڪريٽري  معرفت وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏيون آھن، ذريعن موجب ڪاميٽي ميمبرن انھي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اميدوارن ۾ شامل ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اسحاق سميجو هن وقت 21هين گريڊ ۾ پروفيسر آهن، باقي ڪو به اميدوار پروفيسر نه هو، انھي ڪري سندن  نالن جي سفارش ڪئي وئي آھي، ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ اڳ ۾ به اٿارٽي  جو چيئرمين رهي چڪو آهي، جنهن مدو پورو ڪرڻ بدران استعيفا ڏني هئي، انھي ڪري ڊاڪٽر اسحاق سميجو جي چيئرپرسن طور مقرري جا امڪان آھي،  سنڌ جي وڏي وزير پاران سمري جي منظوري بعد سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن وارو کاتو  چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو .