خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت مبينا باندي بڻايل ناريءَ کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. فورٿ ايڊيشنل سيشن جج خيرپور ثمينه منگيءَ جي عدالت تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ متو لوڊرو جي رهواسڻ مسمات پيراڻي جي درخواست تي  ڪارروائي ڪندي ايس ايچ او پيرجوڳوٺ کي حڪم ڏنو آهي ته ڳوٺ راهوجا جي بااثر غلام جعفر لوڊرو وٽ باندي بڻايل مسمات الهه رکي ڌيءَ داد محمد لوڊرو کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.