لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم لهر باءِ پاس ۽ دودائي روڊ تي قائم الرافع شنواري ريسٽورنٽ، الجزيره فش پوائنٽ، دانيال هوٽل سميت ٻين هوٽلن ۽ ريسٽورنٽ تي ڇاپو هڻي صفائي جي ناقص انتظام،صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌ خوراڪ  ۽ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي الرافع شينواري هوٽل مٿان 50 هزار ڏنڊ ۽ الجزيره فش پوائنٽ هوٽل مٿان 22 هزار 600 رپيا ۽ ٻين هوٽلن ۽ ريسٽورنٽ مٿان 22 هزار 400 رپيا ڏنڊ وجهي کين وارننگ ڏني ته هو لائسنس وٺي صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکي ايس او پيز تي عمل ڪن ٻي صورت سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.  ان حوالي سان سنڌ فوڊ اٿارٽي جي سيفٽي آفيسرن ٻڌايو ته ڇاپا هڻي مجموعي طور 95 هزار 200رپيا ڏنڊ لڳايو آهي.