ڪنهن کي به هٿيارن جي نمائش جي اجازت نه ڏني ويندي: شرجيل ميمڻ

0
204

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته رجسٽريشن کانسواءِ گاڏي وڪرو ڪندڙ شوروم مالڪن خلاف ايڪشن کنيو ويندو، اوپن رجسٽرڊ گاڏي جي مالڪ کي به گرفتار ڪيو ويندو

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو  ته ڪي پي او تي حملي کانپوءِ سنڌ سرڪار اهم فيصلا ڪيا آهن، گاڏين جي رجسٽريشن بابت اڳواٽ موجود قانون تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو

شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته اسان وٽ هٿيارن جي نمائش جو به وڏو مسئلو آهي، وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن کي به هٿيارن جي نمائش جي اجازت نه ڏني وڃي، جعلي نمبر پليٽ استعمال ڪندڙن خلاف به ايڪشن کنيو ويندو

 صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا چيو ته ايڪسائيز کاتي وٽ نمبر پليٽس موجود آهن، جنهن کي نمبر پليٽ گهرجي، اُهو درخواست ڏئي سگهي ٿو، نئين نمبر پليٽ 18 سئو روپين جي فيس سان هڪ هفتي ۾ جاري ڪئي ويندي

 اسپيڪر آغا سراج دُراني چيو ته شڪايت ملي آهي ته ڪجهه ايم پي ايز پاڻ سان گڏ ماڻهو آندا آهن، روڪڻ تي ايم پي ايز طرفان عملي سان بدتميزي ڪئي وئي، اسيمبلي جي عملي سان بدتميزي غلط عمل آهي، ڪنهن کي مسئلو آهي ته مون سان رابطو ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ بنا وردي هٿيار کڻڻ تي بندش: اڻ رجسٽرڊ ۽ بنا نمبر پليٽ گاڏيون ضبط ڪرڻ جو اعلان