سنڌ ۾ بنا وردي هٿيار کڻڻ تي بندش: اڻ رجسٽرڊ ۽ بنا نمبر پليٽ گاڏيون ضبط ڪرڻ جو اعلان

0
256
بلاول وزيراعظم ٿيندو: سنڌ کي اسڪيمون نه مليون ته وفاق سان گڏ هلي نٿا سگهون: مراد علي شاهه
بلاول وزيراعظم ٿيندو: سنڌ کي اسڪيمون نه مليون ته وفاق سان گڏ هلي نٿا سگهون: مراد علي شاهه

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي حملي بابت سنڌ اسيمبلي مان مذمتي ٺهراءُ منظور، وڏي وزير سيدي مراد علي شاھ پاران پوليس ۽ رينجرز جي شهيدن لاءِ دعا ۽ خاڪروب اجمل مسيح لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرائي

ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاھه  پاليسي بيان ۾ چيو ته 17فيبروري تي شام جو 7:10 وڳي ڪي پي او تي حملو ڪيو ويو، دهشتگرد ٽويوٽا ڪرولا ڪار ۾ آيا، دهشتگردن اندر ايندي ئي فائرنگ شروع ڪئي،  4 ماڙ عمارت جي هر فلور تي فائرنگ ڪئي وئي، پوليس اٽالن 5 کان 10 منٽن ۾ پهچي جهيڙو ڏنو ، وڏي وزير چيو ته ايڊيشنل آءِ جي موڪل تي اسلام آباد ويل هو، آئون پاڻ آءِ جي آفيس پهچي صورتحال کي مانيٽر ڪندو رهيس

هن چيو ته دهشتگردن جو مقصد پوليس  آفيسرن کي يرغمال بڻائڻ هو، هن چيو ته رينجرز به وقت تي پهچي وئي، ڊي آءِ جي سطح جا آفيسر به فوري طور تي پهچي ويا، حملي آور ٽئين فلور تي پهتا ته آفيسرن عمارت جي بجلي بند ڪرائي ڇڏي، وڏي وزير چيو ته هڪ دهشتگرد پاڻ کي ٽئين ماڙ تي اڏائي ڇڏيو پر ڪو خاص نقصان نه ٿيو، ٻيو دهشتگرد چوٿين فلور تي ماريو ويو، ٽيون  دهشتگرد  ڇت تي پهچي ويو ، آرمي، رينجرز ۽ پوليس جا جوان مڙسي سان وڙهيا، هن چيو ته واقعي ۾ 5 ڄڻا شهيد ٿيا، رينجرز ۽ پوليس ۽ ٻن عام شهرين سميت 18 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، وڏي وزير چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ سي ٽي ڊي حوالي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٽنهي دهشتگردن کي آپگهاتي جيڪٽس پاتل هيون، مارجي ويل ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي

ٽئين دهشتگرد بابت جاچ جاري آهي، هن چيو ته دهشتگردن سان موٽر سائيڪل تي 2 سهولت ڪار آيا هئا، تحريڪ طالبان واقعي جي ذميواري قبولي آهي، وڏي وزير چيو ته جيڪي چاهين پيا ته طالبان واپس اچن، اهي ئي سانحي جا ذميوار آهن، اسان جي پوري قيادت انهي ڳالهه  تي متفق آهي ته دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، هن چيو ته هي واقعو اسان جون اکيون کولي ٿو، دهشتگرد پورو پاڪستان پار ڪري آپگهاتي جيڪٽس ۽ هٿيارن سان ڪراچي پهتا،  اسان کي پنهنجي انٽيلجنس بهتر ڪرڻي پوندي،هن چيوته  ميڊيا دهشتگردي جي واقعن دوران سموري انفارميشن ٽي وي تي ڏيکاري رهي هئي، جيڪا ڳالهه درست ناهي، هن چيو ته دهشتگردن واري ڪار 4  ماڻهن وٽ وڪرو ٿي چڪي آهي، هاڻي ڪاغذ ٽرانسفر نه ٿيل گاڏي کي بند ڪيو ويندو، شوروم مان بنا نمبر پليٽ واري گاڏي نه نڪرڻ گهرجي

وردي کانسواءِ ڪنهن جي به هٿيار کڻڻ جي پابندي هوندي، هن چيو ته دهشتگردن پاران مسواڙ تي گهر وٺڻ واري نقطي  تي به ڪم ڪنداسين، اسيمبلي جي سيڪيورٽي بابت آئون، پوليس ۽ گهرو کاتي جا آفيسر اسپيڪر سان گڏجاڻي ڪري سخت ايس او پي ٺاهينداسين، ايوان ۾  ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي ٿيل حملي خلاف مذمتي ٺهراءُ متفقه طور تي منظور ڪيو ويو، اسپيڪر  سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي جا ذميوار طالبان کي واپس آڻڻ جا خواهشمند آهن: مراد علي شاهه