اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي مخالف ڌر جي ترميمي فناس بل يعني مني بجيٽ ۾ ترميمن کي رد ڪري اضافي 170 ارب جا ٽيڪس اوڳاڙڻ لاءِ مني بجيٽ منظور ڪري ورتي ، اسپيڪر ڪورم جي نشاندهي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس مقرر وقت کان سوا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو ڪراچي مان چونڊيل پي ٽي آء ميمبر محمود باقي مولوي ميمبر طور حلف کڻي ورتو، مني بجيٽ تي بحث ڪندي جماعت اسلامي جي مولانه اڪبر چترالي ٽيڪسن ۾ اضافو عوام سان ظلم آھي ان سان چوري ، ڌاڙا ۽ فحاشي وڌندي، نواز شريف ، شهباز شريف ، عمران خان ،آصف زرداري ،بلاول پنجاهه سيڪڙو اثاثا ملڪ کي ڏين ته پاڪستان قرضن مان آجو ٿي سگهي ٿو،  شادي سنت آھي ان تي به ٽيڪس لڳايو پيو وڃي رمضان کان مهينو اڳ شربت تي به ٽيڪس لڳي رهيو آھي ، بحث کي سهيڙيندي ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف 800 ارب جي ٽيڪسن لڳائڻ جون خبرون اوهان اخبارن ۾ ڏٺيون هونديون اسان ڳالهيون ڪري ان کي 170 ارب رپين تي آندو، ملڪ ۾ بجلي جي لاڳت 3 هزار ارب آھي جنهن کان 1150 ارب گهٽ وصول ٿي رهيا آھن ميمبرن جون ڳالهيون درست آھن ته مهانگائي برداشت کان ٻاهر آھي ڇا اها صورتحال هنن چند مهينن ۾ پيدا ٿي آھي اها صورتحال اڳوڻي حڪومت جي پاليسن جي ڪري آهي، ناڻي وزير چيو ته  بزنس ،ڪلب ڪلاس جي هوائي سفر جي ٽڪيٽن تي سينيٽ جي سفارش تي ايڪسائيز ڊيوٽي فڪس ڪري رهيا آھيون جن روٽن تي هوائي سفر تي ڪرايو 18 کان 20 لک آھي ان تي اڍائي لک فڪس ٽيڪس مڊل ايسٽ جي بزنس ڪلاس ۽ ڪلب ڪلاس جي ٽڪيٽن تي 75 هزار ، زون ٿري ۾ ايندڙ ملڪن جي هوائي سفر جي ٽڪيٽن تي ڏيڍ لک رپيا ٽيڪس فڪس ڪري رهيا آھيون، هن چيو ته مني بل مجبوري ۾ آڻڻو پيو، هن چيو ته ايئر ڪنڊيشن شادي حالن تي ٽيڪس لڳي رهي آھي عام شادي حالن تي ٽيڪس نه لڳي رھي آھي، جي ڊي اي جي سائره بانو چيو ته غريبن تي ايتري ٽيڪس نه لڳايو جو غريب جيئرو ئي نه رهي پوء اوهان حڪومت ڪنهن تي ڪندا ان بعد 170 ارب روپين جي ٽيڪس وصولين لاء مخالف ڏر جي مولانه چترالي ۽ سائرا بانو جي ترميمن کي رد ڪندي ترميمي فنانس بل کي ڪثريت راء سان منظور ڪري ورتو، منظوري وقت 68 ميمبر موجود هئا جڏهن ته ڪورم لاء 86 ميمبر گهربل هوندا آھن مولانه چترالي ڪورم جي نشاندهي ڪئي پر اسپيڪر ان کي نظر انداز ڪري ضمني بجيٽ جي منظوري جو عمل مڪمل ڪرايو. جڏهن ته لگزري شين تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو جن ۾ ميڪ اپ، اليڪٽرانڪس جو سامان شامل آهي، جي ايس ٽي 17 کان 18 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. بسڪيٽ، ڪيڪ، بيڪري واري شين، چاڪليٽ، کٽمٺڙن، دٻي واري ٻارن جي ٻاهرين سامان تي به سيلز ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو هوندي. امپورٽڊ منرل واٽر، انرجي ڊرنڪس ۽ جوسن تي به سيل ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو هوندي. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته امپورٽڊ دروازن، درين، فرنيچر، ڪاٺ جي شو پيس، ڪارپيٽ، وهاڻن ۽ ٻين شين تي سيلز ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو هوندي. سينيٽري جي سامان، بلبن ۽ فينسي لائيٽن تي به سيلز ٽيڪس هوندي، عورتن جي پرسن، ٿيلهن ۽ بيگن سميت، شيمپو، صابڻ، لوشن ۽ بوٽن تي به سيلز ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو ڪيو پيو وڃي. مردن لاءِ امپورٽڊ ڏاڙهي واري ڪريم، جيل، عينڪن ۽ سينٽُن تي به ساڳئي ئي پنجويهه سيڪڙو ٽيڪس وڌائي پئي وڃي. امپورٽڊ ميڪ اپ واري سامان تي به سيلز ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو هوندي. جڏهن ته پالتو جانورن جي امپورٽڊ کاڌي خوراڪ تي به سيلز ٽيڪس سترهن سيڪڙو مان وڌائي پنجويهه سيڪڙو ڪئي پئي وڃي