اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ سينيٽرن جي ٻين صوبن کان سنڌ ۾ رهندڙن کي سنڌ جي آبادي ۾ شمار ڪرڻ بابت قرارداد جي منظوري لاڳاپيل وزير جي درخواست تي ملتوي، مامرو لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي ، تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽرن تاج حيدر، نثار کهڙو ، وقار مهدي ، ڄام متاب پاران ايجنڊا نمبر 10 تي موجود قرارد کي منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جو وارو آيو ته بلوچستان سان تعلق رکندڙ جي يوآءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ، نيشنل پارٽي جو طاهر بزنجو ، ڪي پي ڪي جو سينيٽر فدا محمد مخالفت ۾ سيٽن تي اٿي بيهي رهيا، جنهن تي  قانون جي مملڪتي وزير شهادت اعوان چيو ته هن قرارداد جي منظوري کي لاڳاپيل رٿابندي جي وزير جي درخواست تي منظوري ملتوي ڪئي وڃي، جنهن تي تاج حيدر چيو ته لاڳاپيل وزير هن قرارداد جي منظوري کي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آھي مان ڪجھ چوڻ چاهيان ٿو 2017 جي آدمشماري کي رد ڪيو ويو اها غلط انگ اکرن تي ٻڌل هئي جنهن تي سينيٽ چيئرمين تاج حيدر کي مخاطب ٿيندي چيو ته قرارداد جي منظوري ملتوي ڪئي پئي وڃي اوهان جڏهن قرارداد پيش ٿي تڏهن ڳالهائجو ان بعد قرارداد جي منظوري ملتوي ڪندي ان مامري کي غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي ڏانهن موڪليو ويو، پيپلزپارٽي جي نثار کهڙو چيو ته قرارداد جي منظوري ملتوي ڪئي وئي آھي، قرارداد تي آدمشماري بعد ڳالهائڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندو آدمشماري جو اهو اصول هوندو آھي ته اگر ڳڻپ کان ڪلاڪ اڳ ڪو ٻار ڪٿي پيدا ٿي ته ان کي اتان جي آدمشماري ۾ شمار ڪيو وڃي، سنڌ ۾ ملڪي جي ٻين صوبن جا جيڪي ماڻهو رهن ٿاانهن کي سنڌ جي آبادي ۾ شامل ڪيو وڃي انهن جا ووٽ پنهنجن علائقن ۾ رکڻ کان نٿا روڪيون، ٻين صوبن جي سنڌ ۾ رهندڙ شهرين کي شمار ڪيو وڃي جيئن اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي درست حصو ملي، ستون اين ايف سي ايوارڊ 2010 ۾ آيو هيو ان بعد اين ايف سي ايوارڊ 2015 ۾ اچڻو هيو پر نه آيو 2015 بعد اين ايف سي ايوارڊ 2020 ۾ اچڻو هيو پر نئون اين ايف سي 2020 ۾ به نه آيو، پيپلزپارٽي جي وقار مهدي چيو ته   2017 جي آدمشماري ۾ سنڌ سان زيادتي ٿي سنڌ جي آبادي گهٽ ظاهر ڪئي وئي سڃي ملڪ مان سنڌ ۾ ماڻهو اچي رهن ٿا سنڌ جي آبادي ۾ دٻاءُ پوي ٿو هر روز لڳ ڀڳ ٻه هزار ماڻهو ٻين صوبن مان سنڌ ۾ اچن ٿا سنڌ ۾ ٻين صوبن جي رهندڙ شهرين کي سنڌ جي آدمشماري ۾ شامل ڪيو وڃي.