ڪنري: ٻچــڙَن لاءِ اٽو وٺڻ خاطر 2 ڪلو مرچ چورائيندڙ هاري ڀاءُ سوڌو گرفتار

0
199

ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ بُک تي ويٺل ٻچــڙَن لاءِ اٽو وٺڻ خاطر 2 ڪلو مرچ چورائيندڙ هاري کي ڀاءُ سوڌو گرفتار ڪيو ويو آهي

پوليس ڀڳوان ڪولهي ۽ صالو ڪولهي کي مرچن جون 2 ٻوريون چورائڻ جِي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو، مقامي عدالت ٻنهي پورهيتن کي 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

پورهيت ڀڳوان ڪولهي ٻڌايو ته سندس ٻچا ڪيترن ئي ڏينهن کان بُکايل هئا، زميندار کان هارپي جا پئسا گهريا ته اُن انڪار ڪري ڇڏيو، مجبور ٿي ٻارڙن لاءِ اٽو وٺڻ خاطر 2 ڪلو مرچ چورايا ته زميندار ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي