اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موبائل فون جي 100 رپين جي لوڊ تي 86 رپيا بئلنس ملندو، حڪومت 9 رپيا ٽيڪس وڌائي ڇڏيو، ناڻي وزارت جي ذريعن موجب حڪومت موبائل ريچارج تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو آهي، هر ريچارج تي 15 سيڪڙو اضافي ود هولڊنگ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، 100 رپين جي ريچارج تي 9 رپيا 3 پئسا اضافي ود هولڊنگ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، ٽيلي ڪام ڪمپنين بيلنس ريچارج تي اضافي ٽيڪس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، 100 رپين جي لوڊ تي 86 رپيا 9 پئسا بيلنس ملندو. ذريعن موجب ناڻي حڪومت ان مد ۾ 43 ارب رپين کان وڌيڪ اوڳاڙيندي. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف ماڻهن آپريٽرز پاران اماڻيل ٽيڪس ميسيجز شيئر ڪيا جن ۾ صارفين کي ٽيڪس بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.