لاهور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ملاقات جو الزام رد ڪندي چيو آهي ته ملاقات ڪرڻي هوندي ته کُلي سامهون ڪندس، آئون وزارت عظميٰ جو اميدوار ناهيان، ان جو فيصلو پارٽي وقت اچڻ تي ڪندي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ ملڪ جو مسئلو مهانگائي آهي، اهو ناهي ته ڪير ڪنهن سان مليو، جنهن ڏينهن بي ساکيون هٽي وينديون، ان ڏينهن هي حڪومت نه رهندي، اسان بي ساکيون وٺڻ کان معافي گهرون ٿا، هن چيو ته بي اعتمادي رٿ اتي ايندي آهي، جتي مداخلت نه هجي، بي اعتمادي رٿ بعد هن ۾ نظام ۾ نئين حڪومت جو حصو نه بڻجنداسين،  اسان اقتدار جا خواهشمند ناهيون، چاهيون ٿا ته  ملڪ آئين تحت هلي، صدارتي نظام سان پاڪستان ٽٽي ويندو، شاهد خاقان عباسي چيو ته فواد چوڌري جيڪي ڳالهيون ڪيون، اهي سمجهه کان ٻاهر آهن، ڪيترن ئي وزيرن ڳالهيو ڪيون آهن پر انهن جون ڳالهيون پاڻ ۾ به نٿيون ملن، هن چيو ته تحريڪ انصاف کي تقريبن 22 قومي اسيمبلي جا ميمبر ڇڏڻ چاهين ٿا، آئون انهن جا نالا به ڄاڻان ٿو پر نه ٻڌائيندس، پارليامينٽ ۾ اپوزيشن هڪ آهي، پي ڊي ايم ڇڏڻ پيپلزپارٽي جو پنهنجو فيصلو هو. جڏهن ته نواز ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته نواز ليگ جي 4 اڳواڻن جي ڊيل جون ڳالهيون مذاق برابر آهن، نواز ليگ جي83 ميمبرن مان ڪنهن هڪ تي به شڪ ناهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته منهنجي خواهش ڪنهن فهرست ۾ شامل ٿيڻ جي ناهي،  سموري نواز ليگ نوازشريف جي بيانيي سان گڏ بيٺل آهي، منهنجو پهريون ۽ آخري وزيراعظم نوازشريف آهي، نواز ليگ ۾ ڪنهن ميمبر تي به شخص نه آهي،  جيڪڏهن نواز ليگ جا 4 اڳواڻ ڊيل ڪري رهيا آهن ته مطلب موجوده حڪمران آئوٽ ٿي ويا آهن.