اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو يس ۾ عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد بابت ڀارتي سرڪار کي عدالتي معاونت جو آخري موقعو ڏيندي ڀارتي هاءِ ڪميشن کان 24 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته پاڪستاني حڪومت کي قاتل سان ڪابه همدردي ناهي، ائين ناهي حڪومت ڀارت پويان ڀڄي رهي آهي، ڀارتي سرڪار پاڪستاني عدالت ۾ ڪيس ختم ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي آهي، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ڀارت پنهنجو نمائندو مقرر ڪري عدالت کي ٻڌائي ته هو ڇا چاهين ٿا؟ ڀارت ايتري معاونت ڪري ته انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪيئن ڪرائڻو آهي؟