ڪراچي( اسٽاف رپورٽر( سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا بابت انتظامن جي حوالي سان نااهل وفاقي حڪومت کي ننڊ مان اٿاريو، دنيا ڄاڻي ٿي ته وفاقي وزيرن جي غير ذميواراڻن بيانن سان ڪورونا پکڙيو ، ڪورونا کي عام فلو قرار ڏئي ماڻهن کي گمراهه ڪيو ويو،. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير سالگره جون پارٽيون ملهائي پاڻ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، هن چيو ته حليم عادل شيخ شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار هئڻ جي ڪري اعزاز جو مستحق آهي، مسڪينن جي زمينن تي قبضا حليم عادل شيخ جي سڃاڻپ بڻجي چڪا آهن