مٺي/ڪلوئي (نمائندن وٽان) ڪلوئي ڀرسان گلشانه سومرو ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو ڇاپو، ڳوٺاڻن جي مزاحمت، اهلڪار يرغمال، چڪريون، جهيڙو، ڪهاڙي لڳڻ سبب ايس ايچ او زخمي، 5 ڄڻا گرفتار، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ٻن جوابدارن ناري سان زيادتي ۽ کيس اغوا ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، خبر موجب اغوا ۽ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻجڻ بعد انصاف نه ملڻ تي زهر پي زندگي جو ڏيئو  اجهائيندڙ گلشانه سومرو ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڳوٺ نصير هڱورجو تي چڙهائي ڪئي ته ڳوٺ جي مردن ۽ عورتن سخت مزاحمت ڪندي اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو، ان دوران هڪ عورت ايس ايڇ او چيلهار کي ڪهاڙي وهائي ڪڍي جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته بعد ۾ ڳوٺاڻن يرغمال بڻايل اهلڪارن کي ڇڏي ڏنو، واقعي بعد ڊي ايس پي مٺي جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن ٻيهر ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڪڙو چاڙهي گهرن جي تلاشي ورتي، پوليس ڪارروائي دوران 5 ڄڻن ذوالفقار چانڊيو، عطاءُ الله چانڊيو، خالد هڱورجو، رفيق هڱورجو ۽ مجيد هڱورجو کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ٿرپارڪر جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن مان ٻن ڄڻن ذوالفقار چانڊيو ۽ عطاءُ الله چانڊيو ناري گلشانه سومرو جي اغوا ۽ اجتماعي زيادتي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ايس ايس پي موجب ڳوٺ تي ڇاپي دوران مردن عورتن کي ڍال بڻائي پوليس تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ايس ايچ او زخمي ٿي پيو آهي، ايس ايس پي موجب ڪارروائي دوران پوليس تي حملي، ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.