ڪراچي (نمائندن وٽان) دادو ۾ اميدوارن عبدالغفار پنهور ، ساجد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري  ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن علي ڏنو گاد، محمد عاقل جتوئي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سڪل ماني ٻڌي ٻارن سان گڏجي احتجاج ڪيو.لاڙڪاڻي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن شبير مهيسر، سروپ ڪمار، اجي ڪمار آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.نصيرآباد ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن غلام حسين بروهي، زوھيب سيال، امان الله پيرزادو، ثقلين مشتاق چنجڻي احتجاج ڪيو.قاضي احمد ۾ غلام نبي اوٺو، سليم سيال، مھراڻ انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سجاول ۾ سلطان کوسو ۽ شوڪت هالو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. بدين ۾ شعيب ڀرڳڙي، نورحسن کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته ٻهراڙي جي علائقن سان تعلق رکندڙ اميدوارن کي 33 مارڪن تي پاس ڄاڻائي نوڪريون ڏنيون ويون. جڏهن ته شهري علائقن جي اميدوارن لاءِ 40 مارڪن جو شرط رکيو ويو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي. حڪومت جي اھڙي ٻٽي پاليسي خلاف احتجاج جاري رهندو.