ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ناري فصل ۾ ڪم ڪرڻ تان مڙس سان جهيڙي بعد ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، گهر مان لاش هٿ، خبر موجب ڳوٺ ڍينگاسرو ۾ 18 سالن جي ناري جيتي زال لڇمڻ ڪولهي جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، اطلاع  تي ننگرپارڪر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش تعلقه اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته کيس وارثن ٻڌايو ته مڙس زال کي ٻني ۾ ٻاجهر جو فصل ڪٽرائڻ لاءِ هلڻ جو چيو، جنهن تي زال انڪار ڪيو ته ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد مڙس جي ٻاهر وڃڻ تي ناري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ناري جي هڪ سال اڳ شادي ٿي هئي.