ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجهو ڪچي واري علائقي ڳوٺ يونس ڪوش ۾ ڪارنهن تڪرار تان ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ 50 سالن جو مور محمد ڪوش قتل ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه وقت اڳ ھڪ ڌر نور محمد ڪوش کي ڪارنهن معاملي تان قتل ڪيو هو، جنهن جي پلاند ۾ پيرسن کي قتل ڪيو ويو آهي، پيرسن جي قتل جو ماڇڪي ٿاڻي تي 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.