ڪيٽي بندر (رپورٽ:آدم جانيارو)ڳاڙھو ٿاڻي جي حد ۾ زميندار رجب علي مگسي جي فش فارم تي هٿياربندن جو حملو ڪري فارم تي چوڪيدار طور ڪم ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي محرم ٻگهيو کي قتل ڪري ڇڏيو. اڻڄاتل جوابدار فائرنگ ڪري محرم علي ٻگھيو کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڳاڙهو پوليس ۽ زميندار رجب علي مگسي لاش کڻائي سول اسپتال پھتا. پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش سندس اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي نيو ويو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آهي. ان حوالي سان زميندار رجب علي مگسي ٻڌايو ته سندس فش فارم ڀرسان ابوسفيان نالي زميندار سان ڪافي عرصي کان تڪرار هلندڙ آهي. شڪ آهي ته مخالفن کي مون کي مارڻ جي ارادي سان حملو ڪيو، جنهن ۾ منهنجو ملازم قتل ٿي ويو. ٻئي طرف پنھنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڳاڙهو ٻڌايو ته مقتول محرم علي ٻگھيو جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه پهتا آهن، اهي جيئن ئي ايندا ته ڪيس داخل ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.