عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ جي ڪنري روڊ لڳ موجود مالڪاڻي سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ نوجوان پورھيت رميش اوڏ کي مبينا طور پنجاب جي ٺيڪيدارن جي ويجھن ماڻھن اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو. جڏھن ته وارثن جي اطلاع تي تعلقي ٿاڻي عمرڪوٽ تي رپورٽ داخل ڪري پوليس سندن نشاندھي تي ھڪ شخص سومار اوڏ کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي. جڏھن ته پوليس مالڪاڻي سرن جي بٺي تي پھچي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. ٻئي طرف مغوي نوجوان جي پيرسن امڙ انوري اوڏ ۽ ٻين عمرڪوٽ ۾ ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سندن 21 سالن جي نوجوان رميش اوڏ کي سوائي ۽ سومار اوڏ جي ملي ڀڳت سان پنجاب جي ٺيڪيدارن اغوا ڪيو آھي، پيرسن انوري اوڏ وڌيڪ چيو ته منھنجي ٻچڙي رميش کي سومار اوڏ ۽ ساٿين کنڀي اغوا ڪري گم ڪرايو آھي پوليس انصاف ڪري نوجوان پٽ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.