ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ڊکڻ بنگلو ڀرسان انڊس هاءِ وي تي نامعلوم اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ آيو، ڪشمور پوليس لاش تعلقه سول اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، پوليس ٻڌايو ته ھٿ آيل لاش کي سڃاڻپ نه ٿيڻ جي صورت ۾ 24 ڪلاڪن بعد لاوارث قرار ڏئي نادر شاهه قبرستان ۾ دفنايو ويندو.